فياض جمالي کي قتل ڪيو ويو، وارثن جو شڪارپور ۾ احتجاج

شڪارپور(ڊ . ر) جمالي برادري جي سوين ماڻهن جن ۾ مرد ۽ عورتون شامل هيون، هنن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي نياز علي جمالي فوتي فياض جمالي جو پيءُ، اعظم جمالي، اياز جمالي، الله وسايو جمالي، سڪندر ميرالي، اياز جکراڻي، بوهي ڀنڊ ۽ ٻين چيوته فياض احمد جمالي کي ڏينهن ڏٺي جو بي رحمانه طريقي سان قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جا اکين ڏٺا شاهد به موجود آهن، هن وقت تائين نبي شاھ وٺڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ايف آءِ آر به داخل نه ڪئي آهي، ايم ايس ڳڙهي ياسين اسپتال تصور حسين ميمڻ جنهن ميڊيا تي بيان ڏنو آهي ته هن جي موت جو سبب هاٽ اٽيڪ آهي ۽ جيڪو ڌڪ جو نشان آهي اهو وارثن پاڻ هنيو آهي يعني ماءٌ پيءٌ، ڊاڪٽر وٽ ڪهڙو ثبوت آهي جو هو اهڙو الزام هڻي رهيو آهي جنهن انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر تصور حسين ميمڻ مخالفن کان ڳري رقر وٺي خون لوڙهڻ چاهي ٿو، اسان سيڪريٽري صحت  سنڌ، وزير اعلى سنڌ سائين مراد علي شاھ کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڊاڪٽرن جي شفاف ٽيم تشڪيل ڏئي قبرڪشائي ڪرائي پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي تاڪه انصاف ٿي سگهي، اسان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه، ايس ايس پي شڪارپور تنوير حسين ميمڻ کان مطالبو ٿا ڪريون ته پاڻ دلچسپي وٺي ايماندار آفيسر مقرر صاف شفاف انڪوائري ڪرائي اسان جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، ٻئي طرف شهمير علي جمالي جو چوڻ آهي ته وڳڻ شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شادي خان قمبراڻي ۾ فوت ٿي ويل فياض جمالي ولد نياز علي جمالي هاٽ اٽيڪ سبب فوت ٿيو آهي، جنهن جو الزام اسان تي لڳايو پيو وڃي، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۾ موت جو سبب هاٽ اٽيڪ آهي، پوليس جو به اهو موقف آهي، اسان پاڻ سئوٽ آهيون، اهو مامي ڀاڻيجي جو پراڻو سنڱاوتي تڪرار آهي جنهن جو اسان سان ڪوئي واسطو ناهي، جمالي سردارن وٽ فيصلا به ٿيا آهن پر احتجاج ڪرڻ وارا فيصلن تي نه ٿا بيهن، مون سميت خادم حسين، صدام حسين، محمد صديق ۽ منهنجي ڀائرن ۽ رشتيدارن کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ ٿا چاهن، اسان اعلى اختيارين کان صاف شفاف انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ٿا ڪريون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.