سنڌ جي شهيد سپهه سالار دولهه درياخان کي ورسي تي ڀيٽا

ٺٽو (رپورٽ: منصور جلالاڻي) جيئي سنڌ تحريڪ طرفان سنڌ جي وزير اعظم، سپھ سالار شهيد دولھ دريا خان جي 501 ورسي جيئي سنڌ تحريڪ ٺٽو طرفان نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھ سنڌي، شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي فرزند ڄام سنگھار ڪرناڻي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري يوسف ڪرناڻي، راول ڪرناڻي جساف اڳواڻ وفا ڪاشف ڀٽو جي اڳواڻي ۾ شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي مزار کان ريلي ڪڍي جيڪا جامع مسجد شهر جي مين روڊ کان ٿيندي مڪلي تي شهيد دولھ دريا خان جي مزار تي پهتي جتي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.شهيد دولھ دريا خان جي مزار تي صحافين سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھ سنڌي چيو ته شهيد دولھ دريا خان سنڌ جو محب وطن ۽ حلالي فرزند آهي جنهن پنهنجي جان وطن تان قربان ڪئي. هن سڄي زندگي سنڌ جي حفاظت لاءِ جاکوڙ ڪندي شهادت جو جام ماڻيو. سمن جي دور ۾ ڄام نظام الدين جو دور سنڌ جو سنهري دور هئو جنهن جي تربيت شهيد دولھ دريا خان ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ڪيو شهيد دولھ دريا خان سنڌ جي لا۽ ٻچن سميت وڙهندي شهادت ماڻي. هنن چيو ته موجوده دور ۾ سنڌ خطرن ۾ گهيريل آهي سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار سبب سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن ميگا پراجيڪٽ ۽ ترقي جي نالي ۾ سنڌ جون قيمتي زمينون ڌارين جي حوالي ڪيون پيون وڃن. پ پ سرڪار انهي قبضي ڪرائڻ ۾ ڌارين کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪندڙ قومي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪري زندانن ۾ واڙيو پيو وڃي. جيئي سنڌ تحريڪ ڌارين جي آبادڪاري خلاف ٿيندڙ جدوجهدن جي غيرمشروط حمايت ڪري ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.