معذور ڪوٽا تي نوڪري ڏيو، لاڙڪاڻي ۾نوجوان ڪاغذ ساڙي ڇڏيا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ آگاڻي واسي پوليو مرض ۾ مبتلا معذور نوجوان شمس الدين ڀٽو پنهنجي ڊگرين بي ايس سي، انٽر، ميٽرڪ سميت ڊوميسائيل ۽ پي آر سي کي باهه ڏئي ساڙي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شمس الدين ڀٽو صحافين آڏو دانهيو ته مون کي پنجن پٽن ۽ ٻن نياڻين جي اولاد آهي، پيدائش جي ٽن مهينن کان بعد پوليو جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جي ڪري ساڄي ٽنگهه کان معذور آهيان، جنهن ڪري ڪو ڪم ڪري نه ٿو سگهان، غربت سبب پنهنجي پٽن ۽ نياڻين کي تعليم ڏياري نه سگهيس، بيروزگاريءَ سبب والدين مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو جنهن بعد آءُ پنهنجي ٻارن کي وٺي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مختلف وقتن تي رهائش اختيار ڪئي جتي به بيروزگاري سبب زندگي زهر بڻجي وئي بعد ۾ مون لاڙڪاڻي شهر جي ڳوٺ عرضي ڀٽو ۾ 9 هزار مسواڙ تي جڳهه ورتي جنهن جي ٻن مهينن جي مسواڙ به ڏئي نه سگهيو آهيان، سنڌ حڪومت جي ڪنهن به کاتي ۾ معذور ڪوٽا جي نوڪري ڏئي روزگار فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت آءُ پاڻ کي پنهنجي گهر واري، پنجن پٽن ۽ ٻن نياڻين سميت پريس ڪلب اڳيان باهه ڏئي ساڙي خودڪش ڪندس جنهن جي ذميواري ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ پي پي پي اڳواڻن مٿان هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.