شڪارپور پوليس هٿان هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ 2 ڀائر گرفتار

شڪارپور(ڊ . ر) شڪارپور ڀرسان پوليس جي ڪاروائي، وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ، ٻن سڳن ڀائرن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى، ڪيس داخل. تفصيل موجب : ڪالھ شڪارپور ڀرسان ڊکڻ ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪري وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪري ٻن ڀائرن  کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ پوليس مطابق ڇتو منگي لنڪ روڊ سٽي گيس پٽي قبائلي دهشتگردي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻورين ۾ بند هٿيار هٿ ڪيا آهن،پوليس مطابق ڄاڻايل ڪاروائي خفيه اطلاع تي ڪئي وئي آهي، ڪاروائي دوران گاڏي جي انتظار ۾ بيٺل ٻن ڀائرن محمد عمر جعفري ۽ حسين بخش ولد ڪريم بخش جعفري جيڪي ٻيلو ماڇي جا رهواسي آهن، تن کي گرفتار ڪري سندن جي قبضي مان 4 ڊبيرل بندوق، هڪ سنگل بيرل بندوق، 2 سلفي رائيفلون، 2 ڪلاشن ڪوف، 2 ٽي ٽي پسٽل، 260 ڪلاشن جون گوليون، 180 ڪارتوس، 90 سيلفي رائيفل جون گوليون، ڪلاشن ڪوف جا 6 ميگزين هٿ ڪيا آهن، پوليس مطابق ڄاڻايل هٿيار ڏاهاڻي برادري کي جهيڙي ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا هئا جيڪي انهن کان واپس وٺي ٻئي ڪنهن نامعلوم جڳھ ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ گاڏي جي انتظار ۾ بيٺل هئا جنهن تي پوليس بروقت ڪاروائي ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪندي هٿيار گوليون سميت هٿ ڪيا آهن، هوڏانهن ڊکڻ ٿاڻي تي اي ايس آءِ  عبدالوهاب ٻپڙ جي فرياد تي رياست طرفان گناھ نمبر 2021/40 قلم 23IA تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.