ڪوهسار ويلفيئر ٽرسٽ پاران  ٿاڻوبولاخان ۾ مفت ڪئمپ

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ  )ڪوهسار ويلفيئر ٽرسٽ ڪوهستان پاران  تعلقه اسپتال ٿاڻوبولاخان ۾ امر ڊاڪٽر وشنو مل جيراماڻي جي ياد ۾ ھڪ روزه   ميگا ميڊيڪل مفت ڪئمپ لڳائي ويئي جنھن ۾  دماغ ۔دل ۔سميت مختلف بيمارين جي ماھر  سرجن  ڊاڪٽرن ڀوڄو مل کيئلاڻي،ڊاڪٽر پريم چند  ڊاڪٽر پورن ڪمار ڊاڪٽر ،لڄپت۔ڊاڪٽر جاويد الطاف ڊاڪٽر ھيراماڻي طرفان چڪاس ڪري مفت دوائون ڏنيون ويون   ميگا ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ڪوھستان جي مختلف علائقن ۔ٿاڻو بولاخان ،ٿاڻو احمد خان سري ۔مھندا پالاري ۔علي مراد باريجو۔تونگ شريف ۔ٿاڻو عارب خان سميت مختلف علائقن کان آيل 2500 جي لڳ ڀڳ ضرورت مريضن جي چڪاس ڪري کين مفت دوائون ڏنيون ويو  جڏھن  ته ميگا ميڊيڪل ڪئمپ دوران ،شگر ،ھيپاٽائٽس جو ٽيسٽون پڻ مفت ڪيون ويون صحافين سان ڳالھائيندي ڪوھسار ويلفيئر ٽرسٽ جي سرواڻ ڊاڪٽر اوڍر مل ليکمياڻي چيو ته امر ڊاڪٽر وشنو مل جيراماڻي صحت جي حوالي سان ڪوھستان جي ماڻھن جي وڏي خدمت ڪئي اڄ سندس ياد ۾ ڪوھسار ويلفيئر ٽرسٽ  تعلقه اسپتال ٿاڻو بولاخان ۾ ھڪ روزه ميگا ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ويئي آھي جنھن ۾ ڪوھستان تعلقي ٿاڻي بولاخان جي مختلف علائقن کان آيل مختلف بيمارين جي ضرورت مند مريضن جي چڪاس ڪري کين مفت دوائون ڏنيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.