ڌاٻيجي جي واپاري اڳواڻ دائود شاهه جو چاچو لاڏاڻو ڪري ويو

ڌاٻيجي (ن ع آ) واپاري اڳواڻ دائود شاھ ،حسن خان،آزاد خان جو چاچو وفات ڪري ويو جنهن جي جنازي نماز غريب آباد مارڪيٽ ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ اڳوڻي ايم پي اي امير حيدر شاھ ، ملڪ انوار ،رحيم خان شورو ،حافظ غلام حسين پنهور ، قاري فياض ،راجا نواز،ملڪ نعيم ،چوهدري اقبال يعقوب پليجو ،اقبال شاھ سميت وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي.

چوهڙ جمالي پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جي فنانس سيڪريٽري جو والد لاڏاڻو ڪري ويو

چوھڙجمالي(ن) پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري ساگرعبدالرحمان ميمڻ جو والد محمد ابراھيم ميمڻ ڪجهه عرصو بيمار رھڻ بعد وفات ڪري ويو, جنازي نماز ۾ پ پ ضلعي سجاول جي صدر ۽ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي, سابق سجاول ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ارباب ڪامران ميمڻ, پي پي يوٿ آرگنائيزيشن  ضلعي سجاول جي صدر زاھد حسين کڏو, ربڏنو جت.محمد صديق ميمڻ.ڊاڪٽرمحمد حنيف ميمڻ. سميت سياسي سماجي اڳواڻ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت  ڪئي. مرحوم کي ميران شاهه قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.ھوڏانھن ساگر عبدالرحمان ميمڻ سان تعزيت جو سلسلو پڻ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.