احمدپور لڳ نينگر سان بدفعلي جي تصديق،ڪيس داخل نه ٿيو، احتجاج

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ وڏا مهيسر جي ڳوٺ محمد ڇٽل ميتلو ۾ گذريل ڏينهن مبينا تشدد بعد جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايل 12 سالا نينگر شڪيل پٽ شهزادو ميتلو واري معاملي ۾ ڊاڪٽرن پاران شروعاتي رپورٽ ۾ نينگر سان ڏاڍائي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ نينگر جي والد شهزادو ميتلو احمدپور ۾ احتجاج ڪندي يو ته سندس پٽ سان وحشي جوابدار امير ميتلو گهلي جوئر جي فصل ۾ تشدد بعد جنسي ڏاڍائي ڪئي آهي جنهن سبب نينگر جي حالت خراب ٿيڻ لڳي آهي ۽ ھو گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي جڏهن ته پيرجوڳوٺ اسپتال جي ڊاڪٽرن شروعاتي رپورٽ ۾ پٽ سان بدفعلي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي پر پوليس ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود به ڪيس داخل نٿي ڪري جنهن ڪري سخت پريشان آهيون هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گرفتار جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.