ميرپورساڪري ڀرسان نينگر سم نالي ۾ ٻڏي فوت

ميرپورساڪرو(ن ع آ)ميرپور ساڪري ڀرسان نينگر سم نالي ۾ وھجندي ٻڏي فوت ٿي ويو گھر ۾ ڪھرام متل خبرموجب ميرپور ساڪري ڀرسان پيرمحموداڻي ويجهو ڳوٺ بابو خاصخيلي جي رھواسي 12 ورھين جو دلبر ولد جمشيد خاصخيلي سم نالي ۾ وھجندي ٻڏي فوت ٿي ويو فوتي نينگر کي تعلقه اسپتال شيخ زيڊ ميڊيڪل سينٽر ساڪرو آندو ويو جتان ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.