سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ راڻي پور ۾ احتجاج

راڻيپور(رپورٽ عامر مهيسر) سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء راڻيپور ۾ قومي شاھراھ تي 24 ڪلاڪن جي احتجاجي ڪئمپ پڄاڻي تي پهتي، ڪارڪنن جي آزادي لاء اڀ ڏاريندڙ نعري بازي، پرامن ڪارڪنن کي بنادير آزاد ڪيو وڃي ڪئمپ تي ويٺل اڳواڻن جو خطاب، رپورٽ موجب راڻيپور ۾ قومي شاھراھ جماڻي پئٽرول پمپ ڀرسان قائم سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاء 24 ڪلاڪن جي لڳل احتجاجي ڪئمپ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر نذير کوکر، مجيب ڀيلار، استاد شوڪت گهانگهرو، امداد لاڙڪ، نور محمد تنيو، بشير شاھ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ وسيلن سان مالا مال ڌرتي آھي پر ان تي ڌرتي ڌڻين جو ڪو به اختيار ناھي خوشحال سنڌ جا ماروئڙا بک ۽ بدحالي جي ڪري پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آھن. سنڌ جي وسلين جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ قومي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي جيڪو نه صرف غيري اخلاقي آھي پرمذمت جوڳو عمل آھي، سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوھ سنڌ جي ڳڀرو نوجوان کي ازيتون ڏنيون پيون وڃن. ڪراچي ۾ ذاڪر سهتو مزدوري ڪندو ھو جنهن کي زبردستي کنڀي گم ڪيو ويو جنهن جو ڪوبه اڃان تائين ڏس پتو ناھي. اسان ذاڪر سهتو، ايوب ڪانڌڙو سيمت گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي جي گهر ڪريون ٿا ۽ اھو مطالبو ٿا ڪريون ته انهن تي ڪوبه ڪيس يا ڪا چارج آھي ته انهن عدالتن ۾ پيش ڪري انهن مٿان ڪيس ھلايو وڃي. ھنن وڌيڪ چيو ته قومي ڪارڪن پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ ڌرتي جي وارثي ڪن ٿا جنهن جي ڏوھ ۾ ھنن کي عقوبتن ڏنيون پيون وڃن، ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ اندر پرامن احتجاجي تحريڪ جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. احتجاجي ڪئمپ تي عامر انصاري، قادر سرڪي، روشن لغاري، الفت سهتو، سرمد نثار ڀٽو، ساجد مڱريو، نعيم جتوئي، علي رضا سرڪي، راحيل عابد ميمڻ، گدا اڄڻ، زبير سهتو، ھادي بخش ڀيلار، انجنيئر نظر عباس ڀيلار، عاشق سوڍڙو، سيد سرمد شاھ سميت وڏي انگ ۾ سياسي، سماجي اڳواڻ، اديب، دانشور، شاعر ۽ قومي ڪارڪن شريڪ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.