شڪارپور واسي نوجوان ڪراچي مان کنڀي گم، احتجاج

شڪارپور(ڊ . ر ) ڪراچي پوليس جو شڪارپور واسي پورهيت وحيد ميمڻ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف شڪارپور پريس ڪلب آڏو  قرآن پاڪ کڻي معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. تفصيل موجب شڪارپور هاٿيدر ميمڻ محلا جو رهواسي پورهيت وحيد ميمڻ شڪارپور کان ڪراچي منگهو پير جي علائقي واري هوٽل تي ڪم ڪري رهيو هيو ته ڪراچي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي اطلاع شڪارپور گهر ڀاتين کي ملڻ بعد شڪارپور پريس ڪلب قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وحيد ميمڻ جي ماء ٻڌايو ته منهنجو پٽ بي قصور آهي ۽ بنا جواز پوليس کنڀي گم ڪيو آهي اسان وزيراعلي سنڌ، آء جي سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته منهنجي پٽ کي ڪوڙن ڪيسن کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.