ميان صاحب لڳ گم ٿيل ٻارڙي ۽ نوجوان نه مليا، وارث پريشان

ميان صاحب ( ن ع آ ) همايون ٿاڻي جي حد ڳوٺ شيردل بکراڻي مان اٽڪل مهينو اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ٽن ورهين جي معصوم ٻارڙي خديجه  ڌيءَ  مولوي مولابخش بکراڻي هن وقت تائين وارثن کي نه ملي سگهي آهي جنهن جي ڳولها وارثن پاران علائقي جي مختلف ڳوٺن ۾ پاڪ ڪتاب به گهمايا ويا آهن ان حوالي سان گم ٿيل ٻارڙي خديجه  جي وارثن مولوي مولابخش بکراڻي ، مير حسن بکراڻي ۽ ٻين  چيو آهي ته اسان جي نياڻي هڪ مهينو اڳ گهر اڳيان راند ڪندي گم ٿي وئي آهي، جنهن جي اسان هر جاءِ ڳولها ڪئي آهي ۽ پاڪ ڪتاب به گهمايا آهن پر نياڻي جو ڪو ڏس پتو نه  ٿو پوي،ٻئي طرف اٽڪل 20 ڏينهن اڳ جهان واهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش سيلرو واسي 24 ورهين جو نوجوان عبدالفتاح پٽ عبدالوهاب سيلرو شيرانپور ڳوٺ ويندي پر اسرار نموني گم ٿي ويو آهي جنهن جي پڻ وارثن ڳولها ڪئي پر ناهي مليو، ايس ايس پي نوٽيس وٺي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.