قمبر پوليس جون ڪارروائيون، 4 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

قمبر (ت ر) ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنه جي هدايتن تي ضلعي اندر منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون جاري چئن جوابدارن کان منشيات هٿ ڪري کين ڪيس داخل ڪيا ويا قمبر سٽي پوليس ڪاروائي ڪندي جوابدار ممتاز مغيري کان هڪ ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو ماهي مڪول ٿاڻي جي حد مان جوابدر نويد چانڊيو کان يارهن سو گرام چرس هٿ ڪري منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو قمبر صدر ٿاڻي جي پوليس جوابدر اصغر گوپانگ کان 90 گرام چرس هٿ جڏهن ته وڳڻ پوليس منشيات خلاف ڪاروائي ڪندي جوابدار فياض چانڊيو کان 25 ڪلو مين پڙي گٽڪو هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو،ان موقعي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سُمير نور چنه چيو ته منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي منشيات فروشن کي ڪنهن صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو کين ڪاروائي ڪري ضلعي منشيات کان پاڪ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.