ڊگهڙي جو مهمان نواز زميندار الله بخش نوحاڻي لاڏاڻو ڪري ويو

ڊگھڙي (ن ع آ )غوثيا جماعت جو خليفو ۽ مشھور مهمان نواز زميندار رئيس الله بخش خان نوحاڻي لاڏاڻو ڪري ويو،ڊگهڙي ڀرسان مشھور مهمان نواز زميندار ۽ غوثيا جماعت جو خليفو الله بخش نوحاڻي جي لاڏاڻي جي خبر تي علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو مرحوم جي مهمان نوازي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ مشهور هئي سندس اوطاق تي هر وقت مهمانن جو وڏو انگ موجود هوندو هو جن ۾ اڪثريت مسافر ماڻهن جي هوندي هئي جنکي چانھ ماني توڙي رات ٽڪڻ لاء رهائش جو بندوبست پڻ ڪيل هوندو هو سندس اوطاق تي ڀلي نسل جا گهوڙا،چوپايو مال،پکي ۽ ناياب نسل جا وڻ پوکيل اٿس سندس جي ثقافت مهمان نوازي جي ڪري هو پوري پاڪستان ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو سندس جنازي نماز ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کان ماڻھن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جڏهن ته سندس فرزندن الهداد خان نوحاڻي ۽ رستم خان نوحاڻي سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

ٺٽي ويجهو صوفي فقير عبدالله مسڻ جو عرس اڱاري کان ٿيندو

ٺٽو(ڊر) ھند ۽ سنڌ ۾ مشھور صوفي بزرگ شاھ سائين جي ڪلام جو حافظ ۽ صوفي مسلڪ جي درگاھ عاليہ جھوڪ شريف سان واڳيل بابا حضرت صوفي فقير عبداللہ مسڻ رحمت اللہ عليه جن جو ساليانو 40 ھون عرس مبارڪ تاريخ 6 صفر کان 9 صفر بمطابق 14 کان 17 سيپٽمبر تائين درگاھ مسڻ شريف مسڻ آباد شھر ٺٽو ۾ صوفياڻي طور طريقي سان ملھايو پيو وڃي، جنھن ۾ 6 صفر اڱاري جي ڏينھن شام 6 بجي درگاھ شريف جو گادي نشين صوفي فقير جکرو مسڻ درگاھ شريف تي چادرون چاڙھي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪندو. جڏھن تہ روزانو درگاھ جي احاطي ۾ ڪچھري جو راڳ ٿيندو، رات جو لنگر بعد سماع ٿيندو ۽ رات 10 وڳي کان صوفياڻہ ڪلامن جي محفل ٿيندي، جنھن ۾ سنڌ جا مايہ ناز ويراڳي فقير عارفاڻہ ڪلام پيش ڪندا، جڏھن تہ جمعي ڏينھن صبح 11 وڳي بعد از ختم دعا ٿيندي،اھڙي پڌرائي يادگار ڪميٽي درگاھ مسڻ شريف ٺٽو پاران ڪئي ويئي آھي، جنھن ۾ سمورن عقيدتمندن ۽ مريدن کي پڻ شرڪت جو سڏ ڏنو ويو آھي.

پي ٽي آئي ڪراچي ڪنٽونمنٽ چونڊن ۾اڪثريت حاصل ڪندي: خرم شير زمان

ڪراچي (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر خرم شير زمان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي ڪنٽونمنٽ بورڊ جي چونڊن ۾ واضح طور تي اڪثريت حاصل ڪندي. آچر ڏينهن پولنگ نتيجا اچڻ کانپوءِ ٽويٽر تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته انشاء الله تحريڪ انصاف ڪراچي ڪنٽونمنٽ بورڊ چونڊن ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.