درياخان مري ۾ پسند پرڻي لاءِ نڪتل ناري ۽ نوجوان سوگها

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ چاناري مان پيار جو پرڻو ڪرڻ لاءِ گھران نڪتل نوجوان ناري امبر ڌيءَ عنايت الله عمراڻي کي ڳوٺاڻن ۽ پوليس پيڇو ڪري ناري کي کڻي ويندڙ نوجوان سرفراز راجپوت ڪار ڊرائيور محمد عثمان ميمڻ ۽ عاشق علي منگي کي گرفتار ڪري دريا خان مري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او دريا خان مري مجيب الرحمان ناريجو تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته اطلاع مليو ته ڪار ۾ سوار ڪجھه ماڻھو ڇوڪري کي اغوا ڪري فرار ٿي رھيا آھن، جن جو پيڇو ڪري ڪار ڊرائيور محمد عثمان ميمڻ ۽ ڪار ۾ سوار نوجوان ناري امبر عمراڻي، سرفراز راجپوت، عاشق علي منگي کي گرفتار ڪري ورتو آھي جن کا پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته عورت پنھنجي چاھيندڙ سرفراز راجپوت سان پيار جو پرڻو ڪرڻ لاءِ گھران نڪتي ھئي، ناري امبر کي اڄ سومر ڏينھن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.