خانپور مهر لڳ چوري، پيرا لڳڻ تي ڇڪتاڻ، جهيڙو، 5 زخمي

خانپورمھر ( ن ع آ ) خانپورمھر لڳ ڳوٺ  ڇتن مھر ۾  گذريل رات داؤد مھر جي گھر مان  چور گھر اندر گھڙي مبينا طور ھڪ لک کان مٿي روڪ رقم تالا ٽوڙي کڻي ويا، جنھن بعد ڀاڳين کوجي ڪتا گھرائي پيرا ڀر واريڳوٺ جي  اصغر ميراڻي جي گھر ۾ وڌا جنھن بعد ميراڻي ۽ مھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي،  ٻنھي ڌرين پاران ھڪ ٻئي مٿان لٺين، مڪن ۽ سروٽن جو وسڪارو لاھي ڏنو، جنھن سبب ٻنهي  ڌرين  جا پنج ڄڻا سجاد ميراڻي،رحيم بخش ميراڻي، خالد  سمت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا جھيڙي جو اطلاع خانپورمھر پوليس کي ڏنو ويو جنھن بعد پوليس پھچي ڇڪتاڻ کي گھٽايو ھوڏانھن  زخمين کي خانپورمھر ٿاڻي تي آندو ويو جتان ميڊيڪل ليٽر ملن بعد زخمين کي خانپورمھر جي سرڪاري اسپتال شيخ همدان بن محمد ۾ داخل  ڪرايو ويو ھوڏانھن پوليس جڪ ڄڻي اصغر ميراڻي کي چوري جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته واقعي جو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.