ذاڪر کي گم ٿئي، 28 ڏينهن ٿي ويا، گهر ۾ مايوسي، نوابشاهه ۾ احتجاج

نوابشاھ(ڊ ر) شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو کي ڪراچي مان جبري طور کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف جسقم جساف نوابشاھه پاران اڄ 28ھين ڏينهن تي به سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، سارنگ جويو، سيد مسعود شاهه، سندس ڀاءُ ايڊووڪيٽ صابر سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاھه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي انھن چيو ته ڪراچي مان جبري طور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو کي 28 ڏينهن گذري ويا آھن جنھن جو ھن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگھيو آھي، ھنن چيو ته جبري طور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو ھڪ پرامن شاگرد آھي جيڪو ڪنھن به غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث ناھي جيڪڏھن مٿس ڪو ڪيس داخل آھي ته قانون مطابق ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.