لطيف يونيورسٽي جا گرفتار شاگرد آزاد ڪريو، ماٿيلي ۾ ريلي، ڌرڻو

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ : پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلو ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميه پاران ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرايل شاگردن جي آزادي لاءِ سکر ۽ گمبٽ کانپوءِ ميرپور ماٿيلو ۾ آل اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ذيشان مڱريو، وحيد سنڌي، راجا بليدي، جام محبوب علي سهتو، ساجد کوسو، شمشاد واگهو، افتخار تنيو ۽ ٻين ڪئي ريلي ۾ جسقم بشير خان جا ڪارڪن فقير رمضان ڪلوڙ، حنيف سومرو، ميرحسن لاشاري، جسم ڪمال مهر، ايس يو پي جا ڪارڪن اڪرم ميتلو ، شاھ لطيف شاگرد سٿ سينگار گبول، شهيد ڀٽو جا ڪارڪن جلال بوزدار، نثار بوزدار سنڌ ترقي پسند پارٽي جا ڪارڪن زاهد ميراڻي انڊس ڪانگريس جا ڪارڪن آصف فاروقي جي اڳواڻي ۾ شريڪ ٿيا ۽ گرفتار ڪارڪنن جي آزادي لاءِ اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته يونيورسٽي جي انتظاميه ڪيترن ئي شاگردن کي تعليم پرائڻ ۽ شاگردن جي حقن جي جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرايو ويو آهي، جيڪا شاگردن سان تعليم دشمن پاليسي آهي، سنڌ جا شاگرد تعليم پرائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي حقن جي جدوجهد به ڪن ٿا، ان ۾ ڪو به ڏوھ ناهي، هنن چيو ته گرفتار ٿيل سمورن شاگردن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن،  ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ اندر سخت احتجاج ڪنداسون، جنهن جي ذميواري شاھ عبدالطيف يونيورسٽي انتظاميه مٿان هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.