جان محمد سوسائٽي لڳ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

عادلپور ( رپورٽ :  اسلم مهر:) جان محمد سوسائٽي  ويجهو ڳوٺ هوت سهتو ۾ سڱاوتي تڪرار تان سهتا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي سبب ٻنهي ڌرين جا 10ڃڻا زخمي ٿي پيا  هڪ ڌر جو احتجاج  تفصيل موجب جان محمد سوسائٽي ويجهو ڳوٺ هوت سهتو جي بااثر  مراد سهتو، مبارڪ سهتو، منير سهتو، جبار سهتو، قادر سهتو، وريام سهتو  ۽ ٻين جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري اسان جي ماڻھن مٿان لٺين جو وسڪارو لاهي ڏنو،  جنهن سبب اسان  جا ڇھه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا  زخمين ۾ ذوالفقار سهتو ، ساجد سهتو، رينجرس اهلڪار ثناءُ  الله سهتو، اعجاز سهتو سميت ٻيا زخمي ٿي پيا، جڏھن ته زخمين ۾ ٻن جي حالت نازڪ هجڻ ڪري سکر جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جڏھن ته هڪ ڌر جي ماڻھن اعجاز سهتو ڌڻي بخش سهتو ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو ته ته بااثر جوبدار مراد سهتو ۽ ۽ سندس ساٿين اسان جي ماڻھن کان خيرات لاءِ سامان وٺڻ لاءِ ويل ماڻھن کان ڏيڊ لک رپيا پڻ ڦر ڪرڻ  جو الزام هنيو  آخري اطلاع ملڻ تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيون نه ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.