اڪري ۾ قتل ٿيل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، پوليس جي ٻڌ ڇوڙ

اڪري چودڳي (ن ع آ)  چار ڏينهن اڳ بي دردي سان قتل ٿيل آصف شر جاقاتل پڪڙجي نہ سگهيا پوليس روايتي ٻڌڇوڙ ڪندي ٻن ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري پڇا ڳڇا شروع ڪري ڇڏي آهي پٽ جي قاتلن جي گرفتاري ۽انصاف نہ ملڻ تي مقتول آصف شر جي امڙ پينگهي ۾ قرآن پاڪ لوڏي قاتلن کي پٽون ۽پاراتا ڏيڻ لڳي آهي مقتول جي امڙ موجب منهنجي درويش فقير صفت پٽ کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو آهي هوڏانهن مقتول آصف شر جي وارثن سان تعزيت لاء پاڪستان تحريڪ انصاف ۽شر اتحاد پاڪستان جي اڳواڻن ۽مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن پهچي تعزيت ڪئي ان موقعي تعزيت لاء آيل نياز احمد شر،محمد ملوڪ شرعبدالوحيد رند جنرل سيڪريٽري تحريڪ انصاف سنڌ  ،آصف رند ،عبدالستار شر  قربان علي جوڳي ۽طارق حسين رند ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ نوجوان کي بيدردي سان بيگناھ قتل ڪري لاش جي تذليل ڪرڻ انسانيت سوز واقعو آهي ان جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي هنن مقتول نوجوان جي وارثن قاتلن جي گرفتاري ۽انصاف ڏيارڻ ۾ مدد جي ڀرپور يقين دهاني ڪرائيندي چيو تہ وارثن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي ۽قاتلن جي گرفتاري لاء پوليس تي پريشر رکڻ لاء احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.