شهدادڪوٽ ۾ ايمبولنس جي کوٽ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ايمبولنسز جي شديد کوٽ خلاف سنڌ بار ايسوسيئشن ڪراچي جي ميمبرن ۽ نامياري وڪيلن عبدالغفار ميمڻ ۽ شھدادڪوٽ واسي مظھر علي شيخ پاران سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جيڪا عدالت ٻڌڻي لاء منظور ڪئي آهي, ان سلسلي ۾ عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽري  سميت سنڌ جي مختلف ضلعن نواب شاهه,لاڙڪاڻو,قمبرشھدادڪوٽ,سکر,عمرڪوٽ,ٿرپارڪر,بدين,سانگھڙ,جيڪبآباد,ميرپورخاص,دادو,ڄامشورو,ڪشمور,خيرپور ۽ ٻين ضلعن جي ھيلٿ آفيسرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي 5 آڪٽومبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي, جنهن جا نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن, درخواست گذارن پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي مڙني سرڪاري اسپتالن ۾ ايمبولنسز جي شديد کوٽ آهي جنهن ڪري ايمرجنسي واري حالتن ۾ غريب مريضن کي وڏي ڏکيائيءَ سان منهن ڏيڻو ٿوپوي, جنھن ۾ ڳورھاري عورتون ۽ حادثي جي شڪار ماڻھن سميت نازڪ حالت واري مريضن کي چنگچين, رڪشن ۽ گڏھن گاڏن تي کنيو ٿو وڃي جيڪي اسپتالن تائين پھچڻ کان اڳ ئي فوت ٿيو ٿا وڃن,ھنن چيو ته سنڌ حڪومت  صحت کاتي کي ساليانا ڪروڙين روپيا بجيٽ جاري ڪري رھي آهي پر سرڪاري اسپتالن ۾ ايمبولنسز سروسز جي کوٽ آهي جنهن ڪري عدالت سڳوري ان انساني زندگين جي بچاء خاطر نوٽيس وٺي سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي پوري سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمبولنسز جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاء پابند بڻائي انساني زندگيون موت کان بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.