گهوڙا ٻاري ۾آبادگارن جو واٽر ڪورس تي قبضي خلاف احتجاج

گھوڙاٻاري (رپورٽ : سيد امير شاھ ڀاڏائي ) غلام الله آر 12 واٽر ڪورس جي آبادگارن گل حسن درس، ابراهيم ڪانھ، غلام درس، احمد درس، علي محمد ڪاتيار، محمد درس، وڏيرو عبدالرحيم ڪاتيار، يارمحمد درس، يعقوب درس، نويد درس، ۽ ٻين ٺٽو غلام الله روڊ تي ڌرڻو ھنيو ۽ سخت احتجاج ڪندي ھنن چيو آهي ته ساڪرو برانچ مان نڪرندڙ سروي واٽر ڪورس آر 12 تي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي۽ پڪي اڏاوت شروع ڪري ڇڏي آهي جنھن سبب اسان کي واٽر ڪورس۾ صفائي ڪرڻ ۾ سخت تڪليف ٿيندي ھنن چيو ته آر 12واٽر ڪورس غلام الله ايريگيشن جي آفيس غلام الله ڀرسان نڪري پيو اسان اھڙيون شڪايتون ايس ڊي او ايريگيشن غلام الله کي لکت ۾ ڏنيون آهن پر انهن خلاف ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي ايريگيشن عملي جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪيو ويو آهي ھنن چيو آهي ته اسان ڊي سي ٺٽو ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته فورن نوٽيس وٺي واٽر ڪورس تي قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ اسان ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.