ٽنڊو مستي لڳ عورت 3 لکن ۾وڪرو، وجهه وٺي ٿاڻي پهتي، تحفظ جي گهر

ٽنڊومستي (ن ع آ)ٽنڊومستي  لڳ طلاقيل عورت کي مائٽن پاران پئسن عيوض وڪرو ڪري زبردستي پرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان ڏس ۾ ڳوٺ ڇتن شاھ بخاري جي رهواسي عورت فاطما گوپانگ  ميڊيا آڏو سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته  3 سال اڳ. مڙس  طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو جنھن بعد پنهنجي پئ وٽ رهندي هيس. هيئر سندس پيءُ  گل محمد گوپانگ. محمد عرس گوپانگ ۽ عيدو گوپانگ کيس  3 لک رپين عيوض وڪرو ڪري ڏوهاري سان زبردستي  شادي ڪرائڻ چاهين ٿا  انڪار ڪرڻ تي سخت تشدد ڪيو ۽ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وجھ وٺي  فرار ٿي هتي  پهتي آهيان  جان کي خطرو آهي ان موقعي تي هن ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.