پنو عاقل ۾ سماجي برائين جي سرپرستي، 30 اهلڪار معطل

پنوعاقل ( ت ر  )ڊي آءِ جي سکر جي حڪم تي ايس ايس پي عرفان سمون پاران ايس ايڇ او سٽي ذولفقار چاچڙ ۽ ايس ايڇ او بائيجي شوڪت آرائين مٿان منشيات جوا،شراب  ۽ ٻين سماجي برائين ھلرائڻ جي الزام ۾ وڏن منشين ۽ سندن باڊي گارڊن سميت 30 جي لڳ ڀڳ اھلڪارن کي سپينڊ ۽ بدليون ڪرڻ کانپوءِ ھتي جي يو آءِ جي عالمن سھري اتحاد سميت علائقي جي سياسي سماجي مذھبي واپاري تنظيمي اڳواڻن سڄاڻ شھرين اديبن پاران ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر عرفان سمون جي اھڙي عمل جي واکاڻ ڪندي چيو ته پنوعاقل تعلقو امن پسند عاقلن جو شھر آھي ھتي سماجي برايون ھميشه لاءِ بند ڪيون وڃن،ھوڏانھون مختلف ٿاڻن جي ھٽايل وڏن منشين ۽ ٻين پوليس وارن جي مقرري جنھن ۾ امداد بلو وڏو منشي ڪينٽ،لعل محمد چاچڙ،وڏو منشي،سٽي،حضور بخش ملڪ بائجي،جمال ڪورائي سانگي ٿاڻي تي مقرر ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.