استاد جي شفيق مزاج جا معاشري تي مثبت اثرَ

سرمد کوسو

استاد جو ڪردار هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هر ماڻهوءَ جو ڪو نه ڪو آئيڊيل استاد ضرور هوندو آهي. جنهن کان هُو گهڻو ڪجهه سِکندو آهي ۽ ان جون ڪافي ڳالهيون پنهنجي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪرڻ جي شعوري ڪوشش به ڪندو آهي. هونئن ته ماڻهو هر لقاءَ مان سِکندو رهي ٿو، پر اڪثر استاد اسان جو وڏو ئي هوندو آهي. عمر ۾ کڻي هُو وڏو نه به هُجي، پر پنهنجي انهيءَ مخصوص شعبي جي حوالي سان وڏو ضرور هوندو آهي. اُنڪري استاد جو احترام ڪرڻ فطري ڳالهه آهي.

مون کي ڏاڍو عجيب لڳندو آهي، جڏهن ڪٿي پڙهندو آهيان، ته ”فلاڻو استاد تمام سخت مزاج هو، مار به ڏاڍي ڏيندو هو. شاگرد هن کان تمام گهڻو ڊڄندا هئا، سندس وڏو داٻو هو وغيره وغيره… پر اُهو استاد ڪمال جو هو!“

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته، اهو ڪيئن ڪمال جو استاد ٿيو؟ جنهن کي ڏسي شاگردن جو ساهه سُڪي وڃي ۽ جنهن جي اسڪول نه اچڻ جي دُعا شاگرد ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا گهرندا هُجن! اهڙن سخت استادن جي ڪري ڪيترائي شاگرد پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ٿا وڃن. ڪيڏي نه ڏُک جي ڳالهه جي آهي!

آءٌ استادن وٽ پڙهيو به آهيان ۽ مون شاگردن کي پڙهايو به آهي. انهيءَ تجربي مان ڪجهه ڳالهيون هِتي لکان ٿو. مثال طور ڪافي استاد ايڏا سخت هوندا آهن، جو ڪو شاگرد ڪلاس ۾ اوٻاسي ڏيندو يا کنگهندو به آهي، ته اُن کي سزا ملندي آهي يا وري کيس طنز برداشت ڪرڻي پوندي آهي. ان جا شاگرد جي نفسيات تي تمام خراب اثر پوندا آهن. شاگرد به انسان آهي، اوٻاسي به ڏيندو، کنگهندو به سهي! پاڻي به پيئندو ۽ ٻيون ضرورتون به پُوريون ڪندو.

ساڳئيءَ طرح هر سال ٿيندڙ امتحانن دؤران به شاگردن جي صحيح طرح سان رهنمائي ناهي ٿيندي ۽ تمام گهڻا استاد شاگردن تي امتحاني پرچن دؤران تمام گهڻي سختي ڪندا آهن ۽ کين دڙڪا به ڏيندا آهن. نتيجي ۾ شاگرد ويچارو امتحان جي نالي کان ئي ڊڄي ويندو آهي. امتحان، آزمائش آهي پر آزمائش وٺڻ جا به مهذب طريقا آهن، جيڪي لاڳو ڪري شاگردن جي ذهانت کي پرکي سگهجي ٿو، پر افسوس اسان وٽ اُن جي ابتڙ ئي ٿيندو رهندو آهي. ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي، جو پاڪستان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ اِهو تصور عام آهي، ته ٻار نظم ۽ ضبط تي عمل نٿو ڪري،ته اُن کي سزا ڏئي سگهجي ٿي. انهيءَ سزا ۾ ٻار کي چماٽ هڻڻ، ڪافي وقت بيهاري ڇڏڻ، اُس ۾ بيهارڻ، پاڻي پيئڻ جي اجازت نه ڏيڻ سميت ڪيتريون ئي سخت جسماني ۽ ذهني سزائون شامل آهن.

ان حوالي سان اسان جيڪڏهن دنيا تي نظر وجهون ته، 2016ع ۾ گڏيل يومن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب دنيا جي 128 ملڪن ۾ ٻارن کي گهرن توڙي اسڪولن ۾ جسماني ۽ ذهني سزا ڏيڻ تي پابندي لاڳو ٿيل آهي. جڏهن ته 69 ملڪن (بشمُول پاڪستان، ڀارت، مصر، ڀوٽان، آسٽريليا ۽ ٻيا ملڪ) ۾ ان جي اجازت آهي. اقوام متحده اِهو واضح طور بيان ڪيو آهي ته، ٻارن کي سزا ڏيڻ، ٻارن جي حقن جي ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي.

گڏيل قومن جو ”ٻارن جي حقن جو ڪنوينشن“ 1989ع ۾ جوڙيو ويو. جنهن ۾ 194 ملڪ شامل آهن. هي ڪنوينشن ٻارن جي حقن بابت پهريون بين القوامي دستاويز آهي، جنهن مطابق بنا ڪنهن رنگ، نسل، قوم، سياسي، سماجي ۽ مذهبي فرق جي، دنيا جي سمورن ٻارن جي حقن جي حفاظت ڪئي ويندي. انهيءَ ڪنوينشن جي آرٽيڪل 19هين ۾ اِهو واضح ٿيل آهي ته ٻارن جي جسماني ۽ ذهني حفاظت ڪئي ويندي، جڏهن ته آرٽيڪل 37هون ٻار تي هر قسم جي جسماني ۽ ذهني سختيءَ کي نه رڳو نندي ٿو، بلڪه ان کي ظلم ۽ غير انساني رَويّو سمجهي ٿو. جڏهن ته ساڳئي ڪنوينشن جو نڪتو نمبر 28هون اسانکي ان ڳالهه جو پابند بڻائي ٿو ته ٻار کي نظم ۽ ضبط، انساني عظمت کي ذهن رکي سيکاريو وڃي.

اقوامِ متحده پاران جاري ڪيل 2014ع جي انگن اکرن موجب، رڳو پاڪستان ۾ ڇهن مهينن اندر اسڪولن ۾ داخل ٻارن جي 44 سيڪڙو کي سخت سزائون ڏنيون ويون. تحقيق مان اِهو به ثابت ٿيو آهي، ته دنيا جي جن ملڪن ۾ ٻارن کي اسڪول ۾ سزا ڏيڻ تي بندش آهي، اُتي به ٻارن کي سزا ملي ٿي ۽ اهڙن قانونن تي عمل نٿو ٿئي. گڏيل قومن پاران ڪيل تحقيق ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي آهي، ته سڀ کان وڌيڪ سزائون ۽ تشدد پرائمري اسڪول جي ٻارن تي ڪيو وڃي ٿو، جيڪا ڏاڍي افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه آهي. ڇو ته پرائمريءَ جو ٻار وڌيڪ معصوم ۽ حساس هوندو آهي ۽ عمر ۾ به ننڍو هوندو آهي. انهيءَ کي ته وڌيڪ پيار، پنهنجائپ ۽ توجهه جي ضرورت هوندي آهي.

دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ اهو به مشاهدو ڪيو ويو آهي ته، اسڪول انتظاميه ڏنگن ٻارن کي سمجهاڻي ڏيڻ لاءِ کين جسماني ۽ ذهني سزا ڏيڻ پنهنجو حق سمجهي ٿي. ان بابت اهڙن اسڪولن جي انتظاميه  پاران جواز اهو ڄاڻايو ويندو آهي ته، جيڪي ٻار ٻين ٻارن سان وڙهن ٿا ۽ استادن سان بدسلوڪي ڪن ٿا، انهن کي سزا ڏيڻ کانسواءِ ٻي ڪا واهه ناهي، انهيءَ ذريعي ئي کين نظم ۽ ضبط سيکاري سگهجي ٿو. پر مجموعي طور تي اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته، ٻارن کي سزا ڏيڻ هڪ غير انساني عمل آهي.

مونکي پنهنجي شاگرديءَ وارن ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين سخت مزاج استاد ناهن وڻندا. منهنجي خيال موجب استاد کي خوش مزاج هجڻ گهرجي، جنهن ۾ شاگرد لاءِ عزت ۽ خلوص وارو روّيو هجڻ ضروري آهي. هو ڪلاس روم ۾ نظم ۽ ضبط قائم ضرور رکي پر سندس روّيي اندر نظم ۽ ضبط جي نالي ۾ ذهني ٽارچر ڪرڻ نه هجي.

استاد جي حيثيت سان شاگرد منهنجي عزت ڪن، اُن کان اڳ آءٌ سندن عزت ڪندو آهيان. شاگرد مون کي ڪجهه چون، آءٌ پاڻ ئي سندن چهري جي ريکائن کي پڙهي سمجهي ويندو آهيان، ته شاگرد هيءَ ڳالهه چوڻ چاهي ٿو يا کيس فلاڻي نوعيت جو مسئلو درپيش آهي. مون جڏهن پڙهائڻ شروع ڪيو هو، ته مونکي ياد آهي، منهنجو پهريون ڏينهن هو. آءٌ ڪنهن ڪلاس ڏانهن ويس پئي، ته ڪاريڊور مان ايندڙ هڪ ننڍڙي شاگرد (جيڪو ستين ڪلاس جو شاگرد هو) کي پاڻ ڏانهن هٿ جي اشاري سان سڏ ڪيم. شاگرد جيئن ئي منهنجي ويجهو آيو ته پنهنجا ٻئي هٿ، پنهنجن ڳلن تي رکي ڇڏيائين ۽ سخت ڊپ ۾ هو. مون چيو: ”بابا هي ڇا پيو ڪرين؟ ڳلن تي هٿ ڇو رکيا اٿئي!؟“ چيائين: ”سائين! مون سمجهيو، توهان متان مون کي چماٽ نه هڻو!“ هاڻي اندازو لڳايو ته، اسان جو شاگرد مائٽن، استادن ۽ هن سماج طرفان ڪيترو هيسايل آهي!

چيومانس: ”ڊپ نه ڪر! آءٌ چماٽ نٿو هڻان. مون بس اوهان کان اِهو ٿي پُڇيو ته ڏهون ڪلاس ڪٿي آهي؟ ڇو ته منهنجو اڄ اسڪول ۾ پهريون ڏينهن آهي.“

ٻي ڳالهه ته هر سال نوان شاگرد مختلف ڪلاسن ۾ داخل ٿيندا آهن. ايئن منهنجي ڪلاس ۾ به نوان شاگرد آيا. انهن مان ڪجهه ڪم ڪري ايندا هئا ۽ ڪجهه سُستي ڪندا هُئا. آءٌ هر روز کين پيار مان سمجهائيندو هُئس. نيٺ هڪ ڏينهن هڪ شاگرد چئي ڏنو ته: ”سر! مار ڏيڻ ڪڏهن کان شروع ڪندا؟“ جواب ۾ چيومانس ته: ”جيڪو ڪم پيار ۽ عزت سان ٿيندو، اهو سزا ۽ مار ڏيڻ سان نه ٿيندو، اِهو ياد رکجو!“

اڪثر استادن پاران سختي، سزا ۽ مار سبب ڪيترائي شاگرد پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي وڃن ٿا. جيڪو انساني صلاحيتن جو هڪ وڏو نقصان آهي. ڇو ته انهن شاگردن ۾ ڪيترائي لڪل هيرا به موجود هوندا آهن، جن کي بدقسمتيءَ سان ڪير به سڃاڻي ناهي سگهندو. جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي سُٺو رهنما ملي ويندو آهي، ته پوءِ اُهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جي راهه تي هلڻ شروع ڪندو آهي ۽ سماج جو هڪ سُٺو ۽ ڪارگر فرد ثابت ٿيندو آهي.  مون هميشه اها ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجن شاگردن سان شفيق روّيو اختيار ڪريان. هُو مون کان ڪو به سوال بغير ڊپ جي پُڇي سگهن. انهيءَ سموري مرحلي ۾ اسان دل سان هڪٻئي جي عزت ۽ احترام به ڪريون ٿا. انهيءَ طرح باهمي عزت ۽ احترام وارو رشتو پختو ٿيندو ويندو آهي.

سو، مون ڳالهه اها پئي ڪرڻ چاهي، ته شاگردن سان استاد جو روّيو شفقت وارو هجڻ گهرجي. جيئن شاگرد پڙهائي ڇڏي ڀڄي نه وڃي پر اڳتي پڙهندو رهي ۽ علم جي تلاش جاري رکي!

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.