ايڪويهين صديءَ جي نئين سرد جنگ، آمريڪا ۽ چين آمهون سامهون

فرخنده يوسفزئي

دنيا ۾ سرد جنگ جو ذڪر وري شروع ٿي ويو آهي، هاڻي اهڙي سرد جنگ جا مهرا آمريڪا ۽ روس نه پر، آمريڪا ۽ دنيا جي معاشي طور تي اڀرندڙ قوت چين آهن، ٻي عظيم جنگ بعد دنيا ۾ جڏهن سرد جنگ شروع ٿي ته عملي طور تي دنيا ٻن واضع بلاڪن ۾ ورهائجي وئي هُئي هڪ سرمائيداري بلڪ ۽ ٻيو سوشلسٽ بلاڪ، ان سرد جنگ جا جا بنياد سرمائيداري  ۽ سوشلزم جي نظرياتي بنيادن تي رکي وئي هُئي جنهن ۾ آخر ڪار  سرمائيداريءَ فتح حاصل ڪئي ۽ سوشلزم کي شڪست ملي. هاڻي عملي طور تي 30 سالن بعد وري دنيا کي وري هڪ نئين سرد جنگ درپيش آهي، اهو ئي سبب آهي جو هاڻي دنيا ۾ اهڙي سرد جنگ بابت ڪيترائي سوا اڀري رهيا آهن، مثال طور ان جنگ جا نظرياتي بنياد ڪهڙا آهن، ڇا دنيا هڪ دفعو وري ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندي، انهيءَ جنگ جو خاتمو ڪيئن ممڪن ٿيندو ۽ اها جنگ دنيا تي ڪهڙا اثر ڇڏيندي.

شان رين دنيا جو هڪ ناميارو تجزيگ ڪار ۽ بيسٽ سيلر ڪتاب The War for China’s Wallet: Profiting from the New World Order جو ليکڪ آهي، هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، دنيا ماضيءَ ۾ آمريڪا ۽ سوويت روس جي وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هُئي، هن وقت دنيا ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ انتهائي خطرناڪ آهي، ماضيءَ ۾ روس جي معيشت ڪمزور هُئي جنهن ڪري روس آمريڪا جي سامهون بيهي نه سگهيو، پر هن وقت آمريڪا جي مقابلي ۾ چين معاشي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان انتهائي سگهارو ملڪ آهي ۽ آمريڪا جي هر اڳرائيءَ خلاف سندرو ٻڌي بيهڻ جي صلاحيت رکي ٿو، بدقسمتيءَ سان جو بائيڊن جا مشير چين جي انهيءَ طاقتور صورتحال کي انتهائي معمولي سمجهي رهيا آهن، جڏهن ته موجوده صورتحال ۾ آمريڪا لاءِ چين کي ڌمڪائڻ آسان نه آهي. آمريڪا سميت جي سيون جي ملڪن جي اڃا ڪوشش آهي ته هاڻي اهڙو  ڪو نيو ورلڊ آرڊر متعارف ڪرائجي جنهن سان چين کي سوگهو ڪري ڇڏجي، ان ڏس ۾ آمريڪا طرفان جيڪي ڪوششون ٿين پيون انهن کي آمريڪا جو پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن ” اصولن تي استوار“ نظام چئي ٿو، اصل ۾ اهو ئي آمريڪا جو چين کي سوگهو ڪرڻ جو نيون ورلڊ آرڊر آهي، اهو سامراجيت ۽ بچيل ڪالونين تي مشتمل هڪ ” نيو ورلڊ آرڊر“ آهي.

شان رين جي اهڙي خيال سان ته آسٽريا جو ناميارو تجزيه ڪار ۽ The Defense Horizon Journal جو ايڊيٽر ميٿياس وانگر به اتفاق ڪري ٿو، هُن پريس رپورٽ سان ڳالهائيندي چيو ته بيشڪ آمريڪا ؟ ”اصولن تي استوار نظام“چاهي ٿو پر سوال هي آهي ته اهڙا اصول آيا ڪٿان کان آهن؟، اهڙا اصول ٻي عظيم جنگ ۽ سرد جنگ جي فاتحن ( آمريڪا ۽ ان جي اتحادين) متعارف ڪرايا آهن، اهڙن اصولن ۾ اوڀر يعني چين ۽ روس کي اهو احساس ٿيو آهي ته سندن سان دوکو ٿيو آهي.

پريس رپورٽ سان ڳالهائيندي آمريڪا جي نامياري تجزيه ڪار ۽ ايسٽ چائنه نارمل يونيورسٽيءَ جي پروفيسر گوزف گريگوري کان جڏهن پريس رپورٽ، سوال ڪيو ته اهڙي قسم جي نئين ورلڊ آرڊر جي شروعات ڪنهن ڪئي، ته سندس جواب هيو ته اهڙي نئين ورلڊ آرڊر جي شروعات آمريڪا ڪئي آهي. آمريڪا ” تاريخ جي خاتمي“ جهڙي انتهائي بيوقوفاڻي نظرئي تي عمل ڪندي پهريان سرد جنگ ۾ پنهنجي خيالي فتح کي هڪ افسانوي چيز بڻايو ۽ ان بعد سامراجيت جي هڪ اهڙي رستي تي نڪري پيو جيڪو ان کي ئي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻيو آهي. ماضيءَ ۾ آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ جاري سرد جنگ جو مرڪز يورپ رهيو آهي پر هاڻي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سرد جنگ جو ميدان انڊو پيسفڪ جو علائقو آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته ماضيءَ ۾ يورپي ملڪ ترقي ڪري رهيا هيا، جڏهن ته هاڻي واپار ۽ ترقيءَ جو مرڪز يورپ کان منتقل ٿي انڊوپيسفڪ جي علائقي ۽ ايشيا طرف منتقل ٿي ويو آهي، هاڻي يورپ زوال پذير آهي ۽ ترقيءَ جو مرڪز ۽ محور هاڻي ايشيا بڻجي رهيو آهي. آمريڪا ۽ چين ٻئي انڊوپيسفڪ جون وڏيون طاقتون آهن ۽ ٻنهي وچ ۾ تائيوان، هانگ ڪانگ، ڏکڻ ڪوريا، ڏکڻ چيني سمنڊ، اوڀر چيني سمنڊ واري علائقي ۾ انتهائي نازڪ ڇڪتاڻ موجود آهي. شان رين موجب آمريڪا سنڪيانگ، هانگ ڪانگ، تبت ۽ خاص ڪري تائيوان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ جاري سرد جنگ جا محاذ معيشت ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ پڻ موجود آهن. هُن جووڌيڪ چوڻ آهي ته مونکي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سڌي جنگ جا امڪان وڌندي نظر اچي رهيا آهن، ڪوبه جنگ نه ٿو چاهي پر حقيقت اها آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌي جنگ جا امڪان وڌي رهيا آهن، آمريڪا تائيوان ۾ هٿيار وڪرو ڪري ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ فوجي ڪارروايون ڪري کيس ڪاوڙائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.   جڏهن ته تجزيه ڪار جوزف گريگوري ماهنيءَ جو اهو به چوڻ آهر ته سرد جنگ هر هنڌ وڙهي ٿي وڃي، ان جنگ جا ميدان، ناڻي جو ڦهلاءَ، سرمائي تائين رسائي، سپلائي چين، شپنگ اينڊ لاجسٽڪ، قطبي خطن، سائبر اسپيس ۽ خال تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ تائين سرد جنگ جاري آهي، اسان ماضيءَ ۾ ڏسي چڪا آهيون ته سرد جنگ دوران دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهائجي وئي هُئي سرمائيدار ملڪ آمريڪا طرف ۽ سوشلسٽر ملڪ روس طرف ٿي ويا هيا. هن وقت تاريخ جي پس منظر ۾ سوال اهو آهي ته هاڻوڪي سرد جنگ ۾ ڇا دنيا وري ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندي، ڇا ملڪ هڪ دفعو وري ٻن حصن ۾ ورهاجي ويندا يا نه، تازو ئي ٿيندڙ جي سيون ملڪن جي اجلاس ۾ آمريڪا جي صدر پنهنجين اتحادين سان گڏجي چين جي طاقت کي ڪنٽرول ڪرڻ تي زور ڏنو هو ۽ هُن ان ڏس ۾ پنهنجن اتحادين تي پڻ سهڪار ڏيڻ لاءِ زور ڀريو هو. تجزيه ڪار جوزف گريگوري جو چوڻ آهي ته پهرين سرد جنگ ۾ اولهه يورپ جي ملڪن روس بجاءِ آمريڪا جو ساٿ ڏنو هو پر هن دفعي ائين ٿيڻ ناممڪن آهي. هُن جو چوڻ آهي ته يورپ ٽُٽي چڪو آهي، جرمنيءَ جي هاڻوڪين چونڊن دوران گرين پارٽيءَ جي فتح انهيءَ رجحان کي واضع ڪيو آهي. جرمني پنهنجي قومي سلامتيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي جڏهن ته پنهنجي ٽيڪنالاجيءَ ۽ توانائيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کان پڻ قاصر آهي. اهو ئي سبب آهي جو جرمنيءَ جي پرڏيهي پاليسي آزاد آهي، واشنگٽن ۽ بيجنگ جي وچ ۾ اثر رسوخ جي جنگ دوران ڪجهه ننڍا ملڪ جنگ جو ميدان بڻبا، اهڙي جنگ ۾ فتح ڪنهن جي به نه ٿيندي پر يورپ هارائجي ويندو.

ٻئي طرف جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته آمريڪا هن وقت به دنيا جي هڪ انتهائي سگهاري معيشت آهي، جڏهن ته چين جي معيشت به تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي، چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو پاليسيءَ ذريعي ان جي اسٽريٽيجڪ ۽ اقتصادي اهميت ۾ تيزيءَ سان واڌارو ٿي رهيو آهي، سڄي دنيا ۾ ٻنهي ملڪن جا اقتصادي تعلقات تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، جڏهن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا اقتصادي مفاد ٻنهي ملڪن سان واڳيل آهن اهڙي صورت ۾ انهن ملڪن کاءِ اها مشڪل ضرور پيدا ٿيندي ته هو ٻنهي ملڪن مان ڪنهن جو ساٿ ڏين. شان رين جو چوڻ آهي ته پهرين سرد جنگ جي ڀيٽ ۾ هاڻي دنيا جا اڪثر ملڪ اقتصادي فائده حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا توڙي چين سان تعلققات بهتر جوڙڻ جون ڪوششون جاري رکندا. چين اڄ کان پنجاهه سال اڳ رڳو 50 ملڪن جي مقابلي ۾ هاڻي دنيا جي 150 ملڪن لاءِ سڀ کان وڏو واپاري مرڪز بڻجي ويو آهي، پر اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ٻنهي ملڪن سان واپار برقرار رکڻ انتهائي مشڪل ڪم آهي. شان رين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ان جي باوجود به جو چين آسٽريليا کان 40- سيڪڙو کان وڌيڪ درآمدي واپار ڪري ٿو پر تنهن هوندي به آسٽريليا جو وزير اعظم اسڪاٽ موريسن اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪيمپ ۾ هليو ويو هو، هاڻي صورتحال اها بڻجي وئي آهي ته چين جو عوام اهو ڪڏهن به نه ٿو چاهي ته چيني عوام هڪ اهڙي ملڪ جون شيون استعمال ڪن جيڪو چين جي بيعزتي ڪري ٿو، نتيجو اهو نڪتو آهي ته هاڻي آسٽريليا کي پنهنجو شراب ۽ گوشت وڪرو ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ نه پيو ملي.

شان زين جو اهو به چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ جي سيون جي ملڪن لاءِ هاڻي پنهنجي برتري قائم رکڻ انتهائي مشڪل آهي ڇو جو ڪيترائي ملڪ چين سان تعلقات قائم ڪرڻ ۽ جاري رکڻ چاهين ٿا، جڏهن ته چين لاءِ پڻ اهو مشڪل هوندو ته چين جلديءَ سان دنيا جي هڪ وڏي معاشي طاقت بڻجي وڃي ڇو جو آسٽريليا ۽ اولهه يورپ جا ڪيترائي ڪٺ پتلي ملڪ آمريڪا جي حمايت ۾ هر وقت سرگرم رهندا،  جڏهن ته ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي محاذن تي سرد جنگ پڻ جاري رهندي. شان رين جو چوڻ آهي ته، ” مون کي اها توقع آهي ته هاڻي دنيا ٽيڪنالاجيءَ جي سطح تي تقسيم ٿي ويندي ۽ ڪمپنيون ۽ ملڪ انهيءَ بنياد تي آمريڪا يا چين جو ساٿ ڏيندا”.

پاڪستان جي نامياري تجزيه ڪار ۽ پروفيسر مونس احمر ، پريس رپورٽ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اهو چوڻ اڃان وقت کان اڳ آهي ته آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ڪا سرد جنگ شروع ٿي وئي آهي، سرد جنگ جو مقصد ته اهوهوندو آهي ته ڌرين وچ ۾ تعلقات انتهائي دشمنيءَ وارا ٿي وڃن جيڪا ڳالهه انهن جي روين مان صاف ظاهر ٿئي ۽ اهي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان هٿيارن جي ڏي وٺ پڻ ڪن، پر هاڻوڪي صورتحال ۾ چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇهه سئو ارب ڊالرن جو واپار ٿيو آهي، جڏهن ٻن ملڪن جي وچ ۾ ايڏي وڏي مقدار ۾ واپار ٿيندو هُجي ته اهڙي صورت ۾ انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات ختم ٿي نه ٿا سگهن.جڏهن ماضيءَ ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ سرد جنگ جاري هُئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪوبه واپار نه پئي ٿيو.

مونس احمر جو چوڻ آهي آمريڪا سان ڇڪتاڻ جي دوران چين اها چالاڪي ڪئي آهي ته هُن سافٽ وار ڪري، سموري دنيا ۾ پنهنجو اثر سفارتڪاري ۽ ڳالهين ڪري وڌايو آهي، جڏهن ته آمريڪا ڪوشش ڪري رهيو آهي ته چين جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ آسٽريليا، جاپان ۽ هندستان سان گڏجي چئن طاقتن جو هڪ اتحاد جوڙي ورتو آهي، پر هاڻي چين هاڻي ايترو ته اڳتي نڪري چڪو آهي جو هاڻي ان کي اڪيلو ڪرڻ ۽ روڪڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. چين آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ ۾ تمام وڏي سرمائيڪاري ڪئي آهي ۽ آمريڪا جي ڪنهن به سازش ڪري پريشان نه آهي. تجزيه ڪار گرگوري ماهنيءَ جو چوڻ آهي ته آمريڪا افغانستان مان ٻن سببن ڪري نڪري رهيو آهي، هڪ ته افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي يا ٿي رهيو آهي آمريڪا ان کي تبديل ڪري نه ٿو سگهي جڏهن ته ٻيو سبب هي آهي ته علائقي ۾ روس، چين، ايران ۽ پاڪستان سان آمريڪا جي خراب تعلقاتن ڪري افغانستان جي موجوده صورتحال جو جيئن جو تيئن هجڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان جي مفاد ۾ آهي. هُن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته آمريڪا جي تاريخ شاهد آهي ته آمريڪا پنهنجن اتحادين کي وچ رستي ۾ ڇڏي ڏيندو آهي، جيئن هُن وچ اوڀر ۾ ڪردن سان ڪيو ۽ هاڻي افغانين سان ڪري رهيو آهي، هُن هندستان کي پڻ خبردار ڪيو ته هندستان به موجوده صورتحال جي پس منظر ۾ انتهائي احتياط ڪري.

هاڻي سوال هي آهي ته اهڙي جنگ ۾ ڪهڙي ڌر سگهاري آهي ۽ 21- صديءَ جي انهيءَ سرد جنگ جو فاتح ڪير هوندو؟، شان زين جو چوڻ آهي ته هڪ مڪمل جنگ ۾ ڪوبه فاتح نه هوندو آهي، پر اها ڳالهه ضروري طور تي واضع آهي ته اڄ کان 50- سال بعد يا ان کان به اڳ چين دنيا جي هڪ وڏي معاشي طاقت هوندو. جڏهن ته چين جو عوام ۽ حڪومت ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ پر اميد آهي، چين هن وقت ايندڙ ويهن سالن لاءِ پنهنجي اقتصادي ترقيءَ کي جاري رکڻ لاءِ تعليم ۽ بنيادي سماجي ۽ صنعتي ڍانچي جي ترقيءَ لاءِ تمام وڏي سيڙپ ڪاري ڪري رهيو آهي.

جوزف گريگوري ماهني انتهائي دلچسپ پيرا ۾ چيو ته. “ مان اهو ٿو سمجهان ته دنيا جي پهرين سرد جنگ جو فاتح به چين هيو ۽ ٻي سرد جنگ جو فاتح به چين ئي هوندو“. ماهنيءَ موجب چين 1968ع ۾ ان وقت عالمي سرمائي ۽ ٽيڪنالاجيءَ تائين رسائي حاصل ڪئي جڏهن آمريڪا جي نظر روس تي هُئي، جڏهن ته چين جي اڳواڻ مائوزيتنگ 1956ع ۾ ئي اها اڳڪٿي ڪئي هُئي ته سوويت يونين ٽُٽي پوندو، اسان کي چين جو اسٽريٽجڪ ورجن مائوزيتنگ جي پيش ڪيل ” ٿري ورلڊ ٿيوري“ ۾ ملي سگهي ٿو، جنهن کي ڊينگ زيائو پنگ 1974ع ۾ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ پيش ڪيو هو، چين هن وقت به ان نظرئي تي عمل پيرا آهي، چوڻ جو مقصد اهوآهي ته چين جي فتح نه ته  حادثاتي آهي ۽ نه ئي وري سوويت يونين جي ٽٽڻ ڪري آهي، پر چين جي فتح آمريڪا جي غلطين جي ڪري آهي، جڏهن ته ميٿرو واسنگر جو چوڻ آهي ته آمريڪا هن وقت هڪ غالب قوت آهي ۽ چين هڪ چيلينجر آهي، هن وقت ائين لڳي رهيو آهي ته اولهه جيڪو ورلڊ آرڊر لاڳو ڪيو هو اهو ختم ٿي رهيو آهي ۽ اڳتي اولهه جي لاءِ ڪجهه به سٺو نظر نه ٿو اچي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.