سرجاني ۾نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ ڌرڻو

گلشن اقبال/ سرجاني (رپورٽ: شفقت نوناري/ اصغر بروهي ) نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران افغان پناھگيرن ۽ ٻين غيرقانوني رهندڙ غير ملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏيارڻ لاءِ مرڪزي صدر ممتاز بروھي جي اڳواڻي ھيٺانڊس پريس ڪلب ڪراچي آڏو ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاجي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي مرڪزي صدر ممتاز بروھي چيو ته افغانستان اندر امريڪي فوجي تسلط سبب پيدا ٿيندڙ جنگي حالتن ۽ خون ريزيء جو جواز ڄاڻائي گڏيل قومن جي سھڪار سان ھتي مخصوص پر مختصر عرصي لاءِ ڪئمپن اندر پناھگير طور رھايو ويو سپريم ڪورٽ سنڌ اندر بدامني ۽ دھشتگرديء جو اھم ڪارڻ به افغانين سميت چاليهه  لک غير ملڪين ڄاڻايا هئا. ميڙاڪي کي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر امتياز بروهي، آفتاب مينگل، عمران قلندري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.