نوابشاهه ۾ آبادگارن جو شوگر مل آڏو پنجين ڏينهن به ڌرڻو

نوابشاهه (ڊ ر) شھيد بينظير آباد جي شوگر مل مالڪن پاران آبادگارن جا رھيل پيسا 22 ارب رپيا نه ڏيڻ خلاف آبادگارن جي تنظيم سنڌ گروئرس آرگنائزيشن پاران حبيب شوگر مل نواب شاهه جي مين گيٽ اڳيان 5 ڏينھن کان ڌرڻو جاري رکيو، آبادگار اڳواڻن رضا محمد چانڊيو، محمد اسحاق چانڊيو، محمد وارث ڏاھري، شمشاد ملاح، ايوب آرائين، عطاءُ الله انڙ، اللھ بخش گورچاڻي ۽ ٻين چيو آھي ته شوگر مل مالڪن عدالت ۾ آبادگارن ۽ ھارين کي رقم ڇھن ڏينھن ۾ ادا ڪرڻ جو لکت ۾ ڏنو ھو جڏھن ته پنج مھينن کان مٿي جو عرصو گذري وڃڻ جي باوجود ھنن عدالتي فيصلي تي به عمل نه ڪيو ھنن چيو ته عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي شوگر مالڪن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ھنن چيو ته 5 ڏينھن کان نه اسان وٽ شوگر مل انتظاميا ضلعي انتظاميا جو ڪو نمائيندو پھتو آھي ھنن چيو ته اسان پنھنجو احتجاجي ڌرڻو ايستائين ختم نه ڪنداسين جيستائين آبادگارن کي رھيل رقم نه ڏني ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.