روهڙي ۾ شگر مل چوري جي بجلي تي هلڻ جو انڪشاف،سيپڪو عملي مٿان فائرنگ، احتجاج

سکر (رپورٽ:اظهر علي دايو ) روھڙي سيپڪو عملدارن جي وڏي ڪاروائي شگر مل ڪيترن سالن کان  چوري جي بجلي تي ھلڻ جو انڪشاف لکين رپين جو سرڪار کي چونو لڳايو عملدارن بجلي ڪٽڻ لاءِ پھتا ته مل مالڪ جا ملازمن جي عملي مٿان سڌي فائرنگ واقعي جو اطلاع حد جي پوليس ۽ سيپڪو جي اعلي اختيارن کي ڏنو ويو پر واقعي واري ھنڌ ڪو به نه پھتو حملي آور جوابدارن خلاف سيپڪو روھڙي جي ملازمن جو احتجاجي مظاھرو خبرموجب ـ پ پ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ سينيٽر اسلام الدين شيخ جي ڪرن شگر مل روھڙي جي علائقي دبر لڳ ھلندڙ مل جي بجلي گذريل اٺن سالن کان چوري جي لائن تي ھلڻ جو انڪشاف تي روھڙي سيپڪو جا عملدار پھتا ته پوري مل چوري جي بجلي تي ھلي رھي ھئي بجلي ڪاٽڻ لاءِ بجلي جي پولن تي چڙھيا ته مل مالڪ جي گارڊن واپڊا عملي  مٿان فائرنگ ڪري ڏني پر ملازم معجزاتي طور بچي ويا اھڙي واقعي جو اطلاع حد جي پوليس ۽ سيپڪو عملدارن کي ڏنو ويو پر واقعي واري ھنڌ ڪير به نه پھتو اھڙي عمل خلاف سيپڪو جي ملازمن احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو بجلي چوري ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ان سلسلي ۾ ايڪسين روھڙي وجي ڪمار ايل ايس عرفان قاضي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪرن شگر مل چوري جي بجلي تي واقعي ھلي رھي آھي عملي مٿان فائرنگ ڪئي وئي پر عملو محفوظ رھيو شگر مل مالڪ بااثر پ پ اڳواڻ سينيٽر اسلام الدين شيخ جي ھجڻ ڪري ان مٿان ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي ڪيترن سالن کان مل چوري جي بجلي تي ھلي پئي لکين رپين جا بل ماھوار ادا نه ڪري سرڪار کي چونو لڳايو وڃي ٿو هوڏانهن اهي به اطلاع آهن ته واپڊا پاران عملي مٿان فائرنگ ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ اڄ کان روهڙي تعلقي جي سڀني علائقن جي بجلي احتجاجي طور بند ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.