غوثپور ڀرسان جاگيراڻي ۽ چاچڙن جي ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 زخمي

غوثپور/ڪنڌڪوٽ (نمائندا ) دراني مھر جي ڪچي ۾ گذريل ڪجھ سالن کان چاچڙ ۽ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرارن تان جھيڙو ھلندڙ آھي ۽ ڪالهه صبح جو رانجھن ۽ صدوري جاگيراڻي جي ڌر ڌڻي بخش چاچڙ جي اوطاق تي جديد ھٿيارن سان حملو ڪيو جواب ۾ چاچڙ برادري جي ماڻھن به بچاءُ ۾فائرنگ ڪئي. محمد بخش چاچڙ سميت 2ڄڻا سخت زخمي ٿيا آھن جن مان محمد بخش کي حالت نازڪ ھجڻ سبب سکر جي حرا اسپتال موڪليو ويو آھي،  ٻنھي ڌرين ۾ گذريل ڪجهه سالن کان جھيڙو ھلندڙ آھي جنھن ۾ تازو چاچڙ برادري جا ٻارنھن ماڻھو مارجي ويا پر پوليس ڪنھن ھڪ به ڏوھاري کي سوگھو نه ڪري سگھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.