سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بڻايو ويو آهي: اياز لطيف

حيدرآباد (رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته گروپ انشورنس جي رٽائر ملازمن جي حقن تي ڌاڙو ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگھجي، چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ کي فورن نوٽيس وٺي انساني بنيادن تي مسئلو حل ڪري انصاف جو مان مٿاهون ڪرڻ گھرجي،هن چيو ته  ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي۔ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت عوام کان لاتعلق بنجي ويون آھن، ناجائز منافعي خور مافيا فائدو وٺي ھر شئي جا اگھ آسمان تي پھچائي ڇڏيا آھن، هن چيو ته  ڊپٽي ڪمشنرز ۽ اي سيز مھانگائي تي ڪنٽرول لاءِ خاص ٽيمون جوڙي ڪارروائي ڪن،سنڌ کي ھٿ وٺي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.