سنڌ ۾افغانين جي آبادڪاري ۽ ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڪيو اي ٽي جا مظاهرا، ڌرڻا

حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاءِ پاڻي تي ڌاڙي، سئي گئس ۽ ٻين وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي نوڪرين مان سنڌ جي ھزارين ملازمن جي برطرفين ۽ زمينن تي قبضن ۽ پاڻي تي ڌاڙن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ 12ھين ڏينھن به احتجاجي مظاھرا ۽ ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو۔ ان ڏس ۾ ٻھارا ۾ حبيب الله پليجو، علي محمد هولاڻي، مرتضي لاشاري، غفور سومرو، عبدالرحمن سميجو،  ڪنري ۾ ايڊووڪيٽ حسنين ڀنڀرو، سرائي غلام نبي خاصخيلي، ايڊووڪيٽ اياز ڀنڀرو، موهن ميگھواڙ، عابد گرگيز، علي مردان ڪپري، حاجي محمد هارون راڄڙ، خير محمد کاڙت ۽ گل حسن پلي، نئين دمبالي ۾ بچل احمداڻي، نھال خان ڳڙھي خيرو ۾ جبار سنڌي ۽ ٻين مظاھرو ڪيو۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هڪڙي پاسي سنڌ حڪومت سنڌ جي ھزارين لکين ايڪڙ زمين تين وال ڪري رھي آھي، ڌارين کي زمين ڏياري ڌرتي ڌڻين لاء ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سرسبز زمينون سوڪھڙو جي ورچاڙھي سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي، اڳواڻن چيو ته غير قانوني افغانين ڪڏھن به قبول نه ڪنداسين، وفاقي حڪومت ملڪ ۽ سنڌ خلاف فيصل نه ڪري۔ سنڌ تي حملو برداشت نه ڪيو ويندو۔ افغاني آبادڪاري ڪنھن به ريت قبول ناھي. درياھ تي ڌاڙا بند ڪيا وڃن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. سنڌ جي زمينن تان بلڊر مافيا جا قبضا ختم ڪيا  وڃن. سنڌ حڪومت بلڊر مافيا جي سرپرستي بند ڪري۔ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي کاتن مان برطرف ڪيل ملازمن کي بحال ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.