سکر جا 21 پوليس اهلڪار ۽ 28 عملدار معطل

سکر(رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سکر پوليس جي سرپرستي هيٺ سماجي برائين، منشيات ۽ آڪڙا پرچي هلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان ڏس ۾ ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون سماجي برائين ۾ڏوهارين ۽ جوارين جي سپرستي ڪندڙ ايس ايڇ او پنوعاقل ذوالفقار چاچڙ ۽ ايس ايڇ او بائجي شوڪت آرائين کي معطل ڪري لائين اماڻي حاضر ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته وڏي منشي محمد علي چوھاڻ، محمد قاسم ابڙو، سپاھي زاھد حسين قريشي، سپاھي عابد حسين قريشي سميت 21 اھلڪارن کي  برطرف ۽ وڏي منشي محمد عالم چاچڙ، وينجھر شر، سڪندر شيخ، عبدالقيوم کونھرو، خليق مھر سميت 28 وڏن منشين کي پڻ معطل ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون جو چوڻ آهي ته ڊپارٽمينٽ ۾ سماجي براين ۽ ڏوھارين جي سرپرستي ڪندڙن جي ڪا به جاءِ ناھي، پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ لڪل ڪارين رڍن جي نشاندھي ڪري اھڙن عناصرن مان ڊپارِٽمينٽ کي پاڪ ڪيو ويندو ۽ انهن خلاف انتهائي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي جيئن آئنده ڪوبه پوليس اهلڪار اهڙن ڪڌي عمل ڪرڻ لاءِ سو دفعا سوچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.