”ڪرپٽ حڪومت ميڊيا جي مخالف“ عمران کي صحافين سندس قول ياد ڏياريو

ڪراچي (م ڊ)سينئر صحافي امداد سومري پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته  اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ عمران خان چوندو هو ته ڪرپٽ حڪومت پهريون ميڊيا جو ڳلو دٻائڻ وارو ڪم ڪندي آهي کيس اهو ئي موقف ياد ڏيارڻ لاءِ صحافين پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو آهي ۽ کيس ٻڌايو ويندو ته پي ٽي آءِ حڪومت به پي ايم ڊي اي ذريعي ميڊيا جو ڳلو دٻائڻ جون سازشون ڪري رهي آهي، هن چيو ته  پي ڊي ايم به صدر جي خطاب جو بائيڪاٽ ڪري صحافين جي ڌرڻي ۾ شرڪتجو فيصلو ڪيو آهي اهڙي طرح پ پ به صحافين سان ايڪتا جو اظهار ڪيو آهي وڏي ڳالهه ته وڪيل به صحافين جي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا آهن، جڏهن ته اڄ بيروزگار ملازمن جو به ڌرڻو لڳل آهي حڪومت خلاف هڪ وڏي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي، هن چيو ته هي مختلف ڌرين جي منظم تحريڪ ڀلي حڪومت کي ڪيرائي نه به سگھي پر ضرور سرڪار کي جهڪائي سگھي ٿي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.