آمريڪا سعودي عرب مان جديد ميزائل دفاعي نظام واپس گهرائي ورتو

رياض(م ڊ)آمريڪا سعودي عرب ۾ مقرر پنهنجو انتهائي جديد ميزائل دفاعي نظام ۽ پيٽرياٽ پيٽريون واپس گهرائي ورتيون،ميڊيVرپورٽن موجب رياض ج اوڀر ۾ 70 ميل پري واقع پرنس سلطان ايئر بيس تي 2019 کان هزارين آمريڪي فوجي  مقرر هئا ۽ اهو نظام ان فوجي اڏي تي نصب هو،واضع رهي ته ان اڳڀرائي کي وچ اوڀر لاءِ آمريڪي عسڪري حڪمت عملي ۾ تبديلي جو نتيجو قرار ڏنو پيو وڃي

ڀارت ۾ ڪورونا  جا 28 هزار 519 نوان ڪيس

نئين دهلي (اي پي پي)ڀارت ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 28 هزار 519  نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ ڪورونا وائرس متاثرن جو ڪل  تي عداد 33236921 کان وڌي ويو آهي،وائرس سبب 338 وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ  4 لک 42 هزار 655 کان وڌي ويو آهي، ڀارت جي صحت واري وزارت جي انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس جي مريضن جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ ڀارت آهي،واضع رهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جا نوان ڪيس ڪيراله رياست ۾ سڀ کان وڌيڪ ريڪارڊ ڪيا ويا آهن.ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فغال ڪيسن جو انگ  3 لک 84 هزار 921 آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور تي 32409345 کان وڌيڪ ڪوروانا متاثر صحت ياب ٿي چڪا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.