پنج شير ۾ طالبان پاران ” فيلڊ ٽرائل“ جا واقعا، قطري نائب وزيراعظم جي ڪابل آمد

ڪابل(م ڊ) افغان سوشل ميڊيا تي شايع ٿيندڙ وڊيوز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته پنج شير ۾ طالبان فوجون ” فيلڊٽرائلز“ ڪري رهيون آهن، انهن وڊيوز ۾ هڪ ۾ طالبان کي پنج شير روڊ تي هڪ شخص تي فائرنگ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، طالبان جي ترجمان عبدالحق وثيق بي بي سي سان ڳالهائيندي انهن الزامن جي ترديد ڪئي آهي، ٻئي پاسي افغان طالبان انهن اطلاعن جي ترديد ڪئي آهي ته افغانستان ۾ واپاري ڏيتي ليتي لاءِ پاڪستاني ڪرنسي استعمال ڪئي ويندي،هوڏانهن طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ افغان بارڊر پوليس ڪابل ايئرپورٽ تي ٻيهر ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن جڏهن ته فرانس جامع حڪومت قائم نه ڪرڻ تي  افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت تسليم نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هوڏانهن افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي جنرل سيڪريٽري عزيز الله فضلي چيو آهي ته طالبان عورتن جي راندين بابت اڃا ڪو فيصلوناهي ڪيو، هن چيو ته اميد آهي ته ڊسمبر ۾ مردن جي افغان ٽيم جي آسٽريليا سان ڪرڪيٽ ميچ منعقد ٿيندي، هوڏانهن قطر جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني ڪابل پهچي ويو، صدارتي محل ۾ نائب وزيراعظم عبدالسلام حنفي سندس آجيان ڪئي، بعد ۾ قطري پرڏيهي وزير عبوري وزيراعظم ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.