ڇاڇري ڀرسان همراهه کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڇاڇرو(رپورٽ يعقوب بجير) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ راڄوڙو ۾ 50 ورهين جي لونگ پٽ جمعون ڪنڀار ڪالهه مبينا طور کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو جنهن کي ڳوٺاڻن بيھوشي واري حالت مان کوهه مان ڪڍي مبارڪ رند اسپتال پئي آندو ته رستي ۾فوت ٿي ويو،ڳوٺاڻن جي اطلاع بعد حد جي پوليس ٿاڻي مبارڪ رند جي پوليس پھچي وئي ۽ لاش کي پوسٽ مارٽم جي ڪارروائي لاءِ ڇاڇرو اسپتال آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم جي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،وارثن پوليس کي بيان ڏيندي چيو ته لونگ ڪنڀار جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو ۽ مختلف اسپتالن ۾ علاج هلي رهيو هو جنهن بعد اهڙو قدم کنيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.