ڪوٽڙي ڀرسان پيرسن عورت جو گهٽا ڏنل لاش هٿ

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي جي سائيٽ ايرا جي علائقي خدا جي بستي نمبر 2 جي هڪ گهر مان هٿ پير ٻڌل پيرسن عورت جو تشدد ٿيل لاش سندس ئي گهر مان هٿ آيو آهي، پاڙي وارن موجب 60 سالن جي عورت سوڍي ٽالپر گهر ۾ اڪيلي رهندي ۽ پاڙي وارا کيس ماني پهچائيندا هئا. پاڙي جي عورت منجهند جي ماني ڏيڻ لاء مقتوله عورت جي گهر جو در کڙڪايو ته در نه کليو، شڪ پوڻ تي پاڙي جي ٻارن کي ديوار ٽپائي در کولرايو ويو، بعد ۾ پاڙي ورا گهر ۾ داخل ٿيا ته عورت مئل حالت ملي، اکين ڏٺل شاهدن موجب عورت جا ٻئي هٿ پٺيان رسين سان ٻڌل هئا، پاڙي وارن اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو، پوليس واقعي وري هنڌ پهچي لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو، ڊاڪٽرن موجب عورت جا هٿ ٻڌي کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ تفصيلي رپورٽ پوسٽ مارٽم کان پوء ڏني ويندي. ڪوٽڙي پوليس موجب عورت گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي، مختلف پاسن کان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.