ڌرتي ڌارين جي حوالي ڪئي پئي وڃي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي جي صدارت ۾ ڊي ٽين پليجو هائوس تي ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌ، ملڪي ۽ عالمي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته سنڌ مڪمل طور تي سنڌين کان کسي ڌارين جي حوالي ڪئي پئي وڃي. ان سنڌ دشمن عمل ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ دشمنن جي ساٿاري آهي. سنڌ حڪومت سنڌ جون زمينون، سنڌ جا وسيلا، سنڌ جا شهر، سنڌ جي هر شيءِ ڌارين کي کپائي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي هن 14 سالن جي حڪمراني دوران سنڌ جي وسيلن تي جيڪي ڌاڙا لڳا آهن ان جو مثال سنڌ جي سموري تاريخ ۾ نٿو ملي. سنڌ جي پاڻي جي چوري ۽ ڌاڙي، زمينن تي ٿيندڙ قبضن، بحريا ٽائون، ذولفقارآباد، ڊي ايڇ اي سٽي، ڌارين جي آبادڪاري ۽ ٻين سمورن وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ مسلسل جدوجهد ڪري سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ عبدالقادر رانٽو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، سڀاني ڏاهري، محبوب راهوجو، گهنور خان زئور، حق نواز، علي حسن وڪو، ڊاڪٽر مدد علي، ايڊووڪيٽ انصاف جتوئي، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.