ميهڙ ۾ هٿيار بندن هٿان شوروم مالڪ قتل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ميهڙ ٿاڻي جي حد ميهڙ شهر جي خيرپور روڊ واري علائقي ۾ هٿياربندن شوروم تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جتي گوليون لڳڻ سبب 58 سالن جو شورو مالڪ خان محمد پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيو اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا جنهن بعد پوليس ۽ وارثن زخمي پيرسن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل پئي ڪيو ته پيرسن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو بعد ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ پيرسن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنهن دوران مقتول جا وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي مقتول پيرسن جي پٽ نور محمد پٺاڻ صحافين کي ٻڌايو ته اسين گذريل 60 سالن کان ميهڙ شهر ۾ رهائش اختيار ڪري شوروم هلائڻ سان گڏ مختلف ڪاروبار ڪندا آهيون اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي. هن چيو ته قومپرستي ۽ تعصب پرستي جي آڙ ۾ هٿياربندن شوروم تي انڌانڌ فائرنگ ڪري منهنجي پيرسن پيءُ کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪولاچي ۽ ڪمانگر برادري جي بااثر اسان سان جهيڙو ڪيو ان معاملي جو فيصلو چڱي مڙس صدام چانڊيو ڪيو هو پر اڄ پيءُ کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.