ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 58 فوت

اسلام آباد (م ڊ ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 58 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 3153 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 57 هزار 792 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 3 هزار 153 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 12 لک 4 هزار 520 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 58 مريض ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن سبب هيل تائين فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 26 هزار 720 ٿي ويو آهي. انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3 هزار 797 مريض صحتياب به ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 10 لک 86 هزار 785 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 91 هزار 15 آهي، جن مان 5 هزار 370 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.