قتل جي خوف سبب ڪيترائي افغان فنڪار پاڪستان اچي ويا

پشاور(م ڊ) تازن ڏينهن ۾ ڪيترن ئي افغان فنڪارن پاڪستان جو رخ ڪيو آهي، طالبان جي خوف ۾ مبتلا اهي فنڪار ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ پهتا ۽ مقامي عملدارن ۽ ماڻهن کين کليل دل سان قبول ڪيو، ڪي پي ۾ هيل تائين 50 کان وڌيڪ افغان خاندان پهچي چڪا آهن، اڪثريتي فنڪار سرحد تي طورخم جي گذرگاهه رستي پاڪستان پهچڻ بعد هاڻي صوبي جي مختلف شهرن ۾ ترسيل آهن، انهن فنڪارن مان تقريبن سڀ ئي خوف سبب پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن، ڪجهه جو تعلق افغانستان جي سرڪاري ريڊيو سان آهي، هڪ گلوڪار چيو ته طالبان اڃا تائين ڪنهن فنڪار کي سڌي ڌمڪي ته ناهي ڏني پر اسان کي طالبان جو اڳوڻو دور به ياد آهي، خدشو هو ته طالبان هڪ ڀيرو ٻيهر فنڪارن کي تنگ ڪندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.