شفاف چونڊن لاءِ سڌارا ضروري آهن: فرخ حبيب

فيصل آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ صاف شفاف چونڊن جي لاءِ سڌارا ضروري آهن انهي لاءِ تحريڪ انصاف جي حڪومت شفاف چونڊن جي لاءِ سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي پر ان جي ابتڙ مخالف ڌر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ڏسڻ کانسواءِ رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته اها مشين ٺپا مافيا جو بهترين متبادل آهي پر جيئن ته مخالف ڌر شفاف چونڊن جي لاءِ سڌارن تي تعاون نه ڪري رهي آهي تنهن ڪري هو مريم، بلاول، شهباز کان پڇي ٿو ته جيڪڏهن انهن وٽ شفاف اليڪشن جي لاءِ ان کانسواءِ ڪو متبادل حل موجود آهي ته ٻڌائين جڏهن ته ڪالهه تائين پاڻ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهر احتجاج ڪندڙ اڄ اسان تي تنقيد ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان اليڪشن ڪميشن جي پريس رليز ميڊيا کي اڳ ۾ ۽ حڪومت کي بعد ۾ ملي ٿي، اهڙي قسم جي قدمن سان اليڪشن ڪميشن پاڻ پنهنجي صلاحيت تي ئي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ان لاءِ اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته اها اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.