مري ويل ڄاڻايل القاعده اڳواڻ ايمن الظواهري جو نئون وڊيو پيغام

ڪابل(م ڊ) آمريڪا تي نائن اليون حملن جي 20هين ورسي جي موقعي تي القاعده جي اڳواڻ ايمن الظواهري جو هڪ نئون وڊيو پيغاماچي ويو آهي جنهن ۾ اولهه جي ملڪن ۽ انهن جي اتحادين تي حملن جي وڪالت ڪئي وئي آهي، سندس چوڻ آهي ته القاعده حامين کي نه رڳو اولهه جي ملڪن بلڪه وچ اوڀر ۾ انهن جي اتحادين خلاف به جنگ ڪرڻ گهرجي، جرمن نيوز ايجنسي مطابق اها وڊيو ايمن الظواهري جو پهريون پيغام آهي جڏهن ميڊيا ۾ اڻ تصديق ٿيل رپورٽون آيون ته دهشتگرد نيٽ ورڪ القاعده جو سربراهه مري ويو آهي، نئين وڊيو کانپوءِ ڪيترن ئي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان فوٽيج مان اشارو ملي ٿو ته الظواهري هلندڙ سال جي شروعات تائين زنده هو، القاعده اڳواڻ ان وڊيو ۾ ڪجهه عرب ملڪن پاران اسرائيل سان قائم ڪيل سفارتي ۽ واپاري لاڳاپن تي تنقيد ڪندي ان کي غداري سان ڀيٽ ڏني،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.