ميڊيا اٿارٽي بل ڪارو قانون قرار، صحافين جو پارليامينٽ هائوس آڏو تاريخي ڌرڻو

اسلام آباد(رپورٽ: اقبال ملاح ) پاڪستان جي صحافين وفاقي سرڪار طرفان پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل کي ڪارو قانون قرار ڏيندي نيشنل پريس ڪلب کان پارليامينٽ هائوس تائين مارچ ڪري تاريخي ڌرڻو هنيو، آر آءِ  يو جي جي ميزباني هيٺ پي ايف يو جي مرڪزي اڳواڻن صدر شهزاده ذوالفقار، جنرل سيڪريٽري ناصر زيدي، آر آئي يو جي ايڪشن ڪاميٽي جي سربراهه افضل بٽ، سينيئر صحافي حامد مير، مظهر عباس، خالد کوکر،  لالا اسد پٺاڻ، آر آئي يو جي جي صدر عامر سجاد طارق ورڪ  نيشنل پريس ڪلب جي صدر شڪيل انجم سيڪريٽري انور رضا  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين صحافي پي ايم ڊي اي آرڊيننس خلاف نعرا هڻندا پارليامينٽ هائوس پهتا، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عمران خان جي حڪومت هن ڪاري قانون جي ذريعي اظهار راءِ جي آزادي کسڻ چاهي ٿي، هي قانون آمراڻو قانون آهي، جنهن ذريعي قلم ۽ ڪئميرا تي بندشون هنيون وينديون ۽ ادارا بند ڪيا ويندا، هزارين صحافي بي روزگار ٿيندا، اسين ان قانون کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا، مارچ ۽ پارليامينٽ سامهون ڌرڻي کان اڳ صحافين سان يڪجهتي طور نيشنل ڪلب ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري، پ پ ايم اين اي طارق علي شاهه ڄاموٽ، جي يو آءِ ف جي اڳواڻ حافظ حمد الله، نيشنل پارٽي جو اڪرم دستي، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي  سربراه ايم اين اي  محسن داوڙ ،وڪيلن، برطرف سرڪاري ملازمن، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن، ٻين سياسي اڳواڻن پهچي بل کي رد ڪندي چيو ته هن بل جي ذريعي اظهار راء جي آزادي کي ختم ڪيو ويندو ۽ جڏهن پارليامينٽ ۾ بل ايندو ته ان کي پاس نه ڪرايو ويندو،  هن احتجاج ۾ ملڪ جي صحافين شرڪت ڪئي صحافين جي ڌرڻي ۾ عاصمه شيرازي سميت عورت صحافين جو وڏو انگ به شامل هو،پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر  چيو ته حڪومت اهڙا آرڊيننس آڻي ايندڙ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪري اچڻ گهري ٿي ان کي قبول نه ڪنداسين، اڳوڻي وزيراعظم مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته اسين صحافين سان گڏ آهيون هن صحافت دشمن  آرڊيننس کي نه ٿا مڃون،پ پ جي  اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو  پ پ ميڊيا خلاف آمراڻو آرڊيننس  قبول نه ڪندي پ پ صحافين سان گڏ آهي صحافي  مظهر عباس چيو ته  وزير اعظم  اوهان ياد ڪيو ته اوهان ماضيءَ ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اڄ ان جو ورجاءُ ٿيو آهي  منسٽري آف انفارميشن ڊس انفاريشن جو ڪم پئي ڪري جنهن سان صحافين جو  ويج بورڊ به  ختم ٿي ويندو  مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو ته  نواز شريف ۽ شهباز شريف جو پيغام کڻي آئي آهيان ته هي   ڪارو قانون آهي  ان کي ختم ٿيڻ گهرجي هن چيو ته  عمران خان جي آمراڻي سوچ آهي پارليامينٽ ۾ قانون پاس ٿيڻ نه ڏينداسين، حيدرآباد مان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو مرڪزي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل خالد کوکر، حيدرآباد پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جو جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي، سکر مان پي ايف يو جي جو مرڪزي نائب صدر لالا اسد پٺاڻ، ايس يو جي جو صدر سليم سهتو ۽ جنرل سيڪريٽري جاويد  جتوئي سميت ٻيا صحافي اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس سامهون ڌرڻي ۾ شريڪ آهن ،سينئر صحافي حامد مير چيو ته اسان ته هن وقت  پاڪستان جي آئين جي دفاع جي جنگ پيا وڙهون اهڙا آرڊيننس آڻي   ملڪ جو ساڦٽ اميج خراب ڪيو پيو وڃي صحافي اقبال ملاح چيو ته هن بل ذريعي قلم ۽ ڪيمرا ته بندشون هنيون پيون وڃن جي بل واپس نه ورتو ويو ته ملڪ گير تحريڪ هلندي عاصمه شيرازي چيو هي صحافين جي زبان بندي ڪن پيا پر اسين حڪومت جي ان فيصلي نه قبولينداسين مشرف به ائين ڪرڻ پئي چاهيو پر اڄ اسان آهيون پر پرويز مشرف جو نالو نشان ناهي، سيفما جي سيڪريٽري جنرل  امتياز عالم چيو ته هي آرڊيننس پاڪستان جي تاريخ جو بدترين ڪارو آرڊيننس  آهي جنهن کي زوريءَ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هن چيو ته پريس ۽ اليڪٽرانڪ ميديا اڳ ۾ ئي عتاب هيٺ آهي ،جڏهن ته صحافين سان گڏ سئي گيس ۽ ٻين ادارن مان بي روزگار ٿيل سرڪاري ملازم به ڪجهه وٿيرڪا ٿي پنهنجن ٻارڙن ۽ گهر ڀاتين سان، گڏ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.