بائيڊن افغانستان ۾ بيوقوف بڻجيو: ٽرمپ

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ افغانستان مان فوجي نيڪالي تي هڪ ڀيرو ٻيهر بائيڊن انتظاميا تي تنقيد ڪندي چيو ته بائيڊن ۽ نااهل انتظاميا شڪست سان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، افغانستان مان واپسي جي موقعي تي اسان جا اڳواڻ خراب رٿابندي سبب بيوقوف بڻيا، افغانستان مان نيڪالي وقت اسان  جي اڳواڻن کي سمجهه ئي نه آيو ته ڇا ٿي رهيو هو.

ناصر آفتاب کي ڊي آءِ جي اولهه زون ڪراچي مقرر

ڪراچي( رپورٽ ) سنڌ حڪومت پاران نوٽيفيڪيشن جاري ڪندي ناصر آفتاب کي ڊي آءِجي اولهه زون ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اتان  ڊي آء جي اولهه ڪراچي زون ڪيپثن رٽائرڊ عاصم خان کي عھدي تان ھٽائي ايس اينڊ جي اي ڊي ۾رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.