ڪنٽونمينٽ بورڊ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ پهريون، ن ليگ ٻيو ۽ آزاد ٽيون نمبر

ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽر+م ڊ) سڄي ملڪ جي ڪنونمينٽ بورڊ جون مڪاني چونڊون ٿي گذريون، 41 ڪنٽونمينٽ بورڊن جي/ 205 وارڊن ۾ 1569 اميدوار ميدان ۾ لٿل هئا، ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي، هيل تائين 195 وارڊن جي غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن مطابق آزاد اميدوار 49، پي ٽي آءِ جا 67، ن ليگ جا 52، پ پ جا 14 ،متحده جا 10، بي اي پي جا 2 ۽ عوامي نيشنل پارٽي جا 2۽ جماعت اسلامي جا 5 اميدوارڪامياب ٿيا آهن، ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ڪئنٽومينٽ بورڊ جي وارڊ نمبر 4 مان ٻن جعلي پولنگ ايجنٽس کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جيڪي پوليس جي تحويل آھن، عملدارن جو چوڻ آھي تھ جعلي پولنگ ايجنٽس عورتن جي پولنگ اسٽيشن ۾ موجود ھئا، پي ٽي آءِ ملتان جي 10 مان هڪ به سيٽ حاصل نه ڪري سگهي، 9 ن ليگ  ۽ هڪ آزاد اميدوار کٽيو،منوڙه جي ٻنهي وارڊن تي پ پ اميدوار محمد طيب ۽ فضل خان ڪامياب ٿيا، ڪينٽونميٽ بورڊ حيدرآباد جي چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب 10 وارڊن مان 7 وارڊن تي ايم ڪيو ايم  ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. جڏهن ته پ پ صرف 3 سيٽون حاصل ڪري سگهي. پي ٽي آئي. پي ايس پي. جماعت اسلامي. ايم ڪيو ايم بحالي ڪميٽي ۽ نواز ليگ جو ڪو به اميدوار ڪاميابي ماڻي نه سگهيو. آيل نتيجن موجب وارڊ 1 تي پ پ اميدوار فقير محمد ڪنڀار 659 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل متحده جو حنيف ڀولو 390 ووٽ کڻي 2 نمبر تي رهيو. وارڊ 2 ۾ متحده جي عابد حسين 927 ووٽ کڻي ڪاميابي پنهنجي ناءِ ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آئي اميدوار ارشد مقصود 528 ووٽ کنيا، وارڊ 3 تي پ پ جي اميدوار عبدالرحمان پٺاڻ 776 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته متحده جي بشير خان 171 ووٽ حاصل ڪيا وارڊ 4 تي پ پ جي قاضي اشهد عباسي 430 ووٽ کڻي ڪاميابي پنهنجي نالي لکرائي ۽ پي ٽي آئي جو ڪاشف قادر 380 ووٽ کڻي 2 نمبر تي رهيو، وارڊ 5 تي متحده جو طاهر پرويز شيخ 536 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ پ پ جي ارتضي شيخ 492 ووٽ حاصل ڪيا. وارڊ 6 تي متحد جي شاهد عبدالعزيز 565 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. پ پ جو محمد بلال 268 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ 7 تي متحده جي عرفان خان 934 ووٽ کڻي ميدان ماريو ۽ محمد فيصل 263 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ 8 تي متحده جي مختيار احمد 783 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. جڏهن ته پي ٽي آئي جو وقار 290 ووٽ کڻي 2 نمبر تي رهيو. وارڊ 9 تي متحده جي غلام علي قريشي 691 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پ پ عدنان 368 کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. وارڊ 10 تي متحده جي شاهد حسين 496 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پ پ جو عبدالشڪور 251 ووٽ کڻي بئي نمبر تي رهيو. مردان جي ٻن سيٽن مان هڪ تي آزاد ۽ ٻي تي اي اين پي اميدوار، ايبٽ آباد جي 10 مان 4 تي پ پ ، 3 ليگ، هڪ پ پ، زوب جي ٻن وارڊن تي بي اي پي، ڪورنگي ڪريڪ وارڊ نمبر هڪ متحده جو عدنان احمد ڪامياب، ڪورنگي ڪريڪ 2 تي ن ليگ جو محمد شوڪت، ڪورنگي ڪريڪ وارڊ 3 تي پي ٽي آءِ جو ڪامران خان، ڪورنگي ڪريڪ وارڊ 4 تي پ پ جو عامر عباسي ڪامياب،پني عاقل وارڊ ون تي آزاد اميدوار يعقوب مهر 115 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پ پ جي ميجر(ر) احمد علي سومرو 107 ووٽ کنيا، ٻئي وارڊ تي اليڪشن ملتوي ڪئي وئي، واهه ڪينٽ ۾ 10 مان 8 تي ن ليگ ، 2 پي ٽي آءِ، اوڪاڙه ۾  ۾ 4 آزاد ۽ پي ٽي آءِ کي هڪ، ايبٽ آباد ۾ ن ليگ 3، ڪوئيٽا جي ٽن سيٽن مان ٻن تي پي ٽي آءِ، هڪ تي آزاد، رسالپور جي ٽنهي وارڊن تي پي ٽي آءِ، بهاولپور ۾ 3 تي ن ليگ ۽ 2 تي پي ٽي آءِ، راولپنڊي ۾ ٻن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا، پي ٽي آءِ هڪ به سيٽ حاصل نه ڪري سگهي، واهه ڪينٽ ۾ 10 سيٽن مان ن ليگ کي 8 ۽ پي ٽي آءِ کي 2 سيٽون مليون، سرگوڌا ۾ 5 سيٽن تي آزاد، 3 پي ٽي آءِ ۽ ٻن تي ن ليگ کي سرسي حاصل آهي، هوڏانهن ملير جي بلال جوکيو ۽ وارڊ 6 ۾ ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو، ملير گلشن عمير ۽ برائٽ اسڪول پولنگس تي ووٽنگ جو عمل روڪيو ويو.پيپلز پارٽي طرفان ڪورنگي ۾ پي ٽي آءِ جَي ٻن اڳواڻن فهيم خان ۽ راجا اظهر مٿان ووٽرز کي هراسان ڪرڻ جو الزام هڻي  چونڊ  ضابطن جي ڀڃڪڙي بابت اليڪشن ڪميشن کي شڪايت ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ پولنگ عمل تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا، فردوس شميم نقوي چيو آهي ته پولنگ عملو تربيت يافته ناهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.