وزيراعظم لاءِ بلاول ۽ شهباز ۾ مقابلو ٿيندو: تجزئي نگار

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جو نعرو ”ووٽ کي عزت ڏيو“ ناڪام ٿي چڪو، هاڻي عجيب پاليسي آهي ته ”نه مزاحمت نه مفاهمت“ هاڻي شهباز شريف جو نعرو هلي رهيو آهي ته ڪم کي ووٽ ڏيو، ان ڪري هاڻي وزيراعظم لاءِ مستقبل ۾ مقابلو آهي بلاول ڀٽو زرداري ۽ ميان شهباز شريف ۾، في الحال ته نواز ليگ جي اندروني اختلافن مان بلاول ڀٽو زرداري مزا وٺي رهيو آهي، جڏهن ته آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمٰن ۾ تمام سٺا دوست هئا پر ٻيهر لانگ مارچملتوي ٿيڻ واري فيصلي کانپوءِ مولانا فضل الرحمٰن آصف علي زرداري کان تمام گهڻو ناراض آهي ڇو ته سينيٽ چيئرمين جي آڇ ته مولانا فضل الرحمٰن کي به ٿي هئي پر شايد مولانا فضل الرحمٰن جو هدف وزيراعظم شپ هو بدلو پروگرام ۾ سينيئر صحافي امتياز عالم پروگرام جي ميزبان محمد شهباز ميان جي سوالن جا جواب ڏيندي پنهنجي تجزئي ۾ چيو ته ميان شهباز شريف جي هوندي مريم نواز ليڊر نٿي ٿي سگھي ان ڪري وڏو سياسي نقصان مريم نواز جو ٿيو آهي، امتياز عالم جو چوڻ هو ته فواد چوڌري سٺو دوست هو پر هاڻي هو اسان تي حملو ڪري چڪو آهي، ٽن سالن ۾ عمران خان جي ٽيم گار گند کانسواءِ ڪو چڱو ڪم ڪيو ئي نه آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ گئس جو بحران اڃا به سنگين ٿيڻ وارو آهي، سو عمران خان کي مهانگائي جو طوفان ئي لوڙهي ويندو، بقول شيخ رشيد جي ته سٺي مخالف ڌر ته موجود نه آهي، سينيئر صحافي تجزئي ۾ ٻي اهم ڳالهه اها چئي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ ۾ جي يو آءِ کي گهڻي ڪاميابي ملندي ۽ افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي ڪري ڪي پي ڪي جي پشتون بيلٽ ۾ مولانا فضل الرحمٰن کي چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي ٿيندي، امتياز عالم اهو به چيو ته سليڪٽڊ جي ڊوڙ کان سواءِ هڪ ٻي ملازمت مدي ۾ واڌ واري ڊوڙ به هلي رهي آهي، نواز شريف ائين ئي لنڊن نه ويو هو کيس رعايت ملي هئي رهيو سوال شهباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ جو ته مريم نواز چئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف کي نواز شريف نامزد ڪيو ته وزيراعظم ٿي سگھي ٿو، امتياز عالم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پنجاب ۾ هاڻي نواز ليگ کي ماضيءَ جيان وڏي ڪاميابي نه ملندي اهووقت گذري ويو، سينيئرصحافي  اهو به امڪان ظاهر ڪيو ته ميان نواز شريف واپس اچي متان رٽائر به ٿي وڃي، ان صورت ۾ به مقابلو بلاول ڀٽو زرداري ۽ ميان شهباز شريف ۾ ئي ٿيندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.