پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جنگي ڏوهن جو ڊوزيئر جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) پاڪستان ڀارتي قابض فورسز طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي جنگي ڏوهن، انساني حقن جي خلاف ورزين، ڪوڙن مقابلن ۽ ڪوڙن فليگ آپريشنز ۽ عورتن جي بي حرمتي جي حوالي سان جامع ڊوزيئر جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي آچر ڏينهن وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جي تفصيلن بابت آگاهه ڪندي چيو ته اسان هن ڊوزيئر ذريعي سڄي ڄاڻ ۽ اصل حقيقتون سڄي دنيا تائين پهچائينداسين، اسان دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀارت سرڪار جي اصل چهري کي بي نقاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انساني حقن جي خلاف ورزي والاريل ڪشمير ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ڪندي ڪشميري عوام جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن کان هندو پرست حڪومت ڀارت ۾ آئي آهي انهن پائمالين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اڄ ڀارتي فوجي گهيراءَ کي 769 ڏينهن گذري ويا آهن. هن چيو ته سيد علي گيلاني جي پهرين سيپٽمبر تي جڏهن وفات ٿي ته ان جي گهر جو گهيراءُ ڪيو ويو، ان جي وصيعت کي ختم ڪندي رات جي اونداهي ۾ ان کي دفن ڪيو ويو. ان کي تدفين جي بنيادي حق کان به محروم ڪيو ويو،هن  چيو ته 131 صفحن تي ٻڌل ان ڊوزيئر جا 3 باب آهن. پهرين باب ۾ جنگي ڏوهن، ٻئي ۾ ڪوڙن فليگ آپريشنز جڏهن ته ٽئين باب ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڀارت جي والاريل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جو ذڪر آهي. هن چيو ته ان ۾ 113 حوالا موجود آهن جن ۾ 26 عالمي ميڊيا کان ۽ 41 حوالا ڀارت جي ٿنڪ ٽينڪ کان ورتا ويا آهن جڏهن ته پاڪستان جا صرف 14 حوالا آهن. هي انتهائي اعتماد جوڳو دستاويز بڻايو ويو آهي. 3232 ڪيس جنگي ڏوهن بابت آهن. 1128 انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن ۾ ڀارتي ميجر جنرل، برگيڊيئر  ۽ ٻين سينئر  آفيسرن جو ذڪر آهي جيڪي انساني حقن جي پائمالين ۾ سڌي ريت ملوث رهيا آهن. انهن ۾ عدالت کان مٿانهان قتل ۽ پيلٽ گنز جو استعمال شامل آهي. هن چيو ته هن ڊوزيئر ۾ عورتن جي بي حرتمي جو به ذڪر آهي. هڪ لک کان وڌيڪ اهڙين جاين جو ذڪر آهي جن کي ساڙيو ويو. ان کان سواءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪوڙن آپريشنن جو به ذڪر آهي. ڪشميرين جي پرامن آزادي واري جدوجهد کي دهشتگردي سان گڏائڻ جي ڪوششن جو ذڪر آهي. هن چيو ته اڄ ڀارت اندر هڪ مخصوص طبقو دهلي سرڪار جي ڪشمير پاليسي خلاف کلي ڳالهائي رهيو آهي جڏهن ته ڀارت اندران پڻ آواز اٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڪشميرين جي قربانيون ضايع نه وينديون، اسان هن ڊوزيئر کي سڀني مشنز ۽ هر فورم تي موڪلينداسين ۽ اصل ڄاڻ ۽ حقيقتون سڄي دنيا تائين پهچائينداسين. ان موقعي تي انساني حقن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي قانونن جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. يورپي ملڪ ٻٽي معيار تي عمل پيرا آهن، والاريل ڪشمير ۾ يورپي يونين طرفان 5 آگسٽ جي ڀارتي قدمن تي ڪو به بيان سامهون ناهي آيو، اسان عالمي انصاف واري عدالت کان جنگي ڏوهن جي حوالي سان راءِ وٺي عالمي سطح تي ڀارت جي انساني حقن بابت پائمالين کي وڌيڪ اٿارينداسين،معيد يوسف چيو ته اڄ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، هاڻي ڪو به ڀارت جي ڏوهن تي پردو وجهڻ وارو موجود ناهي. هن چيو ته ڀارت جون پاليسيون نه رڳو خطي لاءِ پر دنيا لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهن ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.