اپوزيشن اسان خلاف نه چونڊ مهم تي نڪتل آهي: شيخ رشيد

ڪراچي (رپورٽر) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ فرقيواريت جي فضا قائم ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ ٻاهريان هٿ ملوث آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته افغانستان ۾ پاڪستان جي دلچسپي رڳو امن لاءِ آهي، پاڪستان دنيا سان امن امان جي ڳالهه ڪندو، اسان امن خاطر طالبان کي آمريڪا سان گڏ ويهاريو. هن چيو ته پاڪستان 8 کان 10 هزار ماڻهن کي افغانستان مان ڪڍي ٻين ملڪن تائين پهچايو، دنيا جا 8 انٽيليجنس چيف پاڪستان آيا، ڀارت ۾ پِٽڪو ٿي رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي ۽ رڙيون ڪري پاڪستان تي پابندين جو مطالبو ڪري رهيا آهن، مودي پنج شير ۾ ڪوڙيون ڪهاڻيون هلائي رهيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار ان ڪري لڳائي ته جيئن دهشتگردي نه ٿئي، پاڪستان ۾ ڪٿي به افغان پناهگيرن جي ڪئمپ ناهي، جيڪي ماڻهو لڪي آيا هئا، انهن کي ان ئي رستي واپس موڪليو ويو آهي، هن چيو  ته اليڪشن ڪميشن جا خدشا ختم ڪنداسين، اپوزيشن جماعتون اسان جي خلاف ناهن پر چونڊ مهم تي آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.