علي زيدي، راجا اظهر ۽ فهيم خان کي تڪن مان نيڪالي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن دوران پولنگ اسٽيشنن ۽ نتيجن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش جي الزامن هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جي هڪ وفاقي وزير ۽ ٻن ايم پي ايز کي تڪن مان نيڪالي ڏيڻ جا حڪم پڻ جاري ٿيا، گذريل ڏينهن ڏکڻ ضلعي جي اليڪشن ڪمشنر  وفاقي وزير علي زيدي کي تڪ ۾ اليڪشن دوران پولنگ اسٽيشنن تي وڃي ووٽرن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون جڏهن ته الڪيشن ڪميشن مطابق ڪو به چونڊيل نمائندو  ۽ عهدو رکندڙ شخص پولنگ دوران تڪ ۾ نه ٿو وڃي سگهي تنهن ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادار علي زيدي کي فوري طور تي تڪ مان نيڪالي ڏين، ٻئي پاسي علي زيدي الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي چئلينج ڏيان ٿو ته دورو ڪيل پولنگ اسٽيشنن بابت ثبوت ڏئي ته آءُ پنهنجي عهدي تان ئي استعفيٰ ڏيان ٿو، علي زيدي چيو ته مان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به پولنگ اسٽيشن تي ناهيان ويو، هن چيو ته مون تي الزام ثابت ٿيو ته قومي اسميبلي جي ميمبر شپ تان استعفيٰ ڏيندس جيڪڏهن اليڪشن ڪمشنر الزام ثابت نه ڪري سگهيو ته ان کي معافي وٺڻي پوندي،اليڪشن ڪميشن خلاف هرجاڻي جي دعويٰ ڪندس، هوڏانهن ڪنٽونمينٽ بورڊ ڪورنگي جي تڪ تي پولنگ دوران پي ٽي آءِ جي ٻن ايم پي اي پولنگ اسٽيشنن تي ويا جنهن بعد ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ڪورنگي ايس ايس پي ڪورنگي کي خط لکي پي ٽي آءِ جي ايم پي اي راجا اظهر  ۽ فهيم خان کي ضلعي مان ڪڍڻ جو حڪم ڪيو،ٻئي ايم پي اي اليڪشن دوران نتيجن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.